نيويارڪ - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي صدارتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر ڊينس بيچيرووچ سان ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ بوسنيا هرزيگووينا جي وچ ۾ ڊگهي دوستاڻي لاڳاپن تي گرمجوشي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي. اربع ڏينهن ايڪس تي پنهنجي جاري پيغام ۾ وزيراعظم …
بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي صدارتي ڪائونسل جي چيئرمين سان ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
نيويارڪ – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي صدارتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر ڊينس بيچيرووچ سان ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ بوسنيا هرزيگووينا جي وچ ۾ ڊگهي دوستاڻي لاڳاپن تي گرمجوشي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي. اربع ڏينهن ايڪس تي پنهنجي جاري پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي مٽاسٽا کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته ان دوران علائقائي ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ تبديلين ۽ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ گهڻ رخي تعاون جي اهميت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.










