نيويارڪ - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار غزه ۾ جاري ظلمن جي خاتمي، انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۽ هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ سياسي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو آهي. اربع ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران غزه ۾ جاري ظلمن جي خاتمي، انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۽ هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ سياسي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي فوري ضرورت تي زور
نيويارڪ – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار غزه ۾ جاري ظلمن جي خاتمي، انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۽ هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ سياسي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو آهي. اربع ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون، ڪئناڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني ۽ برطانيا جي وزيراعظم اينڊي برنهم پاران گهرايل ٻه رياستي حل بابت اعلى سطحي عالمي اجلاس “اڳتي وڌڻ جو رستو: نيويارڪ پڌرنامي ۽ جامع 20 نقاطي امن منصوبي جي هڪ سال کانپوءِ” ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. اجلاس جا افتتاحي جملا سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آلسعود ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پڻ ادا ڪيا. اجلاس ۾ فلسطين جي صدر محمود عباس (وڊيو لنڪ جي ذريعي)، اسپين جي صدر پيڊرو سانچيز، قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان آلثاني، مصر جي وزيراعظم مصطفى مدبولي، اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن الصفدي، ناروي جي وزيراعظم جوناسگر اسٽوري، آئرلينڊ جي نمائندن تائوسيچ، ميهال مارٽن، فن لينڊ جي صدر اليگزينڊر اسٽب، يورپي ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوستا، بورڊ آف پيس جي غزه جي لاءِ اعلى نمائندي نڪولي ملادينوف، نيدرلينڊ جي وزيراعظم روب جيٽن ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزخير هاڪان فيدان شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير غزه ۾ جاري مصيبتن جي خاتمي، انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۽ هڪ آزاد، خودمختيار ۽ متصل فلسطيني رياست قائم ڪرڻ طرف هڪ ناقابل واپسي سياسي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو جنهن جون سرحدون 1967ع کان اڳ جي حدن موجب هجن ۽ القدس الشريف ان جي گادي وارو شهر هجي.











