ڪراچي-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) سان صوبي جي ترقياتي ڀاڱيواري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ، ڊجيٽل تبديلي ۽ موسمياتي لچڪ حڪومت جون اهم ترجيحون آهن. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ اي ڊي بي پاڪستان ريزيڊنٽ مشن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايما فين سان ملاقات دوران …
سنڌ جي وڏي وزير سان اي ڊي بي پاڪستان ريزيڊنٽ مشن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) سان صوبي جي ترقياتي ڀاڱيواري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ، ڊجيٽل تبديلي ۽ موسمياتي لچڪ حڪومت جون اهم ترجيحون آهن. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ اي ڊي بي پاڪستان ريزيڊنٽ مشن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايما فين سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ سنڌ جي ترقياتي ترجيحن، جاري منصوبن ۽ مستقبل جي سيڙپڪاري بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پراجيڪٽ سيپ تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اي ڊي بي جي مالي سهڪار سان 10 نون سيڪنڊري اسڪولن جون عمارتون مڪمل ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته منصوبي تحت سنڌ جي 10 ضلعن ۾ 116 جديد سيڪنڊري اسڪول بلاڪ تعمير ڪرڻا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2630 سيڪنڊري اسڪول استادن جي تربيت مڪمل ڪئي وئي، 100 اسڪولن کي ليبارٽري سامان فراهم ڪيو ويو ۽ سمورن ستن تعليمي بورڊن ۾ امتحاني سڌارا لاڳو ڪيا ويا آهن. منصوبي تي عملي اڳڀرائي اٽڪل 59 سيڪڙو آهي ۽ ان جي ڊسمبر 2027ع مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. ٻوڏ متاثر اسڪولن جي ٻيهر تعمير واري پروگرام بابت ٻڌايو ويو ته پنجن ضلعن ۾ 722 اسڪول ٻيهر تعمير ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته منصوبي تي اڳڀرائي 54 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي. آڪٽوبر 2026ع کان جون 2027ع تائين 495 اسڪول مرحليوار حوالي ڪرڻ جو امڪان آهي. ملاقات ۾ اٽڪل 125 ملين ڊالر جي تجويز ڪيل نئين مالي مدد تحت 125 موسمياتي مزاحمت ڪندڙ سيڪنڊري اسڪولن جي تعمير، استادن جي تربيت، ڊجيٽل اسيسمينٽ ۽ اسٽيم ۽ آءِ سي ٽي سهولتن بابت پڻ غور ڪيو ويو. اي ڊي بي جي ڪنٽري پروگرامنگ مشن 2026-2030ع تحت ڪراچي سرڪلر ريلوي، سنڌ نرسنگ اينڊ هيلٿ ورڪ فورس، ڊجيٽلائيزيشن ۽ اي آءِ، سسٽين ايبل موبلٽي ۽ اسٽار واش منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير ڪراچي سرڪلر ريلوي لاءِ زمين ۽ رائيٽ آف وي جا رهيل مسئلا حل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي تي پڻ تعميراتي ڪم تيزي سان جاري آهي. ايمافين چيو ته اي ڊي بي سنڌ حڪومت سان مضبوط ڀاڱيواري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي ۽ تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ ۽ موسمياتي لچڪ جي شعبن ۾ سهڪار جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي ڌرين تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ، موسمياتي لچڪ ۽ ڊجيٽل گورننس ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











