صحت واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس، مريضن ۽ طبي عملي جي حفاظت لاءِ ضروري سڌارا ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ صحت واري وزارت جي لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي. صحت واري وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال هدايت ڪئي ته مريضن، طبي عملي ۽ عوام جي حفاظت لاءِ ضروري سڌارا ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيا وڃن. اجلاس ۾ صحت واري وزارت جي انتظام …

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ صحت واري وزارت جي لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي. صحت واري وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال هدايت ڪئي ته مريضن، طبي عملي ۽ عوام جي حفاظت لاءِ ضروري سڌارا ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيا وڃن. اجلاس ۾ صحت واري وزارت جي انتظام هيٺ سمورن ادارن ۾ فائر سيفٽي ۽ بنيادي انفرا اسٽرڪچر جي جامع سڌارن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي صحت واري وزارت جي انتظام هيٺ سمورين اسپتالن، بنيادي صحت مرڪزن ۽ ٻهراڙي جي صحت مرڪزن جي فني ۽ بنيادي ڍانچي جو جامع جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته صحت جي ادارن جي انفر اسٽرڪچر جو تفصيلي جائزو وٺڻ لاءِ ماهر ڪنسلٽنسي فرم جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن. ڪنسلٽنسي فرم صحت مرڪزن ۾ فائر سيفٽي، بجلي جي نظام، هيٽنگ، وينٽي ليشن ۽ ايئر ڪنڊيشنگ سميت ميڊيڪل گيسز جي نظام جو جائزو وٺندي. ان کانسواءِ صحت جي ادارن ۾ موجود بايوميڊيڪل اوزارن ۽ طبي گند ڪچري جي انتظام جي نظام جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انفرا اسٽرڪچر جي جامع جائزي جي بنياد تي ضروري سڌارن لاءِ عملي منصوبو تيار ڪيو پيو وڃي ته جيئن صحت جي ادارن ۾ حفاظتي انتظامن کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي. هن چيو ته صحت جي ادارن ۾ حفاظتي قدمن کي بهتر بڻائي مستقبل ۾ حادثن جي روڪٿام يقيني بڻائي ويندي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته صحت جي مرڪزن جي بنيادي ڍانچي ۽ حفاظتي نظام ۾ موجود خامين جي نشاندهي ڪري انهن جو وقت سر ازالو ڪيو وڃي.