نيويارڪ-23 سيپٽمبر (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان، نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس کي خطاب دوران هڪ ڀيرو ٻيهر ڪشمير مسئلي کي اٿاريو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ترڪ صدر ڏکڻ ايشيا ۾ ڪشمير سميت سمورن تڪرار کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڀريو. پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي موجودگي ۾ خطاب ڪندي ترڪيه جي صدر اردوان چيو ته تڪرار …
ترڪ صدر پاران ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن مطابق حل ڪرڻ تي زور
نيويارڪ-23 سيپٽمبر (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان، نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس کي خطاب دوران هڪ ڀيرو ٻيهر ڪشمير مسئلي کي اٿاريو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ترڪ صدر ڏکڻ ايشيا ۾ ڪشمير سميت سمورن تڪرار کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڀريو. پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي موجودگي ۾ خطاب ڪندي ترڪيه جي صدر اردوان چيو ته تڪرار کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ لاڳاپيل قراردادن مطابق حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ اهو ضروري آهي ته ڪشمير جي مسئلي سميت سمورن تڪرارن کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ لاڳاپيل قراردادن مطابق ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي تقريرن ۾ ڪشمير تڪرار اردوان جو مسلسل موضوع رهيو آهي. هن 2019ع کان هن وقت تائين ست ڀيرا ڪشمير مسئلو اٿاريو آهي، جڏهن ته ان عرصي دوران 2024ع واحد سال هو جڏهن هن ان جو ذڪر نه ڪيو. اردوان پهرين ڀيرو 2019 ۾ ڪشمير مسئلو اٿاريو هو، جڏهن ته ڀارت قلم 370 تحت ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڇڏي هئي. هن جو تازو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ڇڪتاڻ هڪ اهم سفارتي مسئلو بڻيل آهي. اردوان فلسطين جي به ڀرپور حمايت ڪئي ۽ غزه ۾ اسرائيل جي ڪارروائين تي تنقيد ڪئي. هن غزه جي صورتحال تي عالمي دٻاءُ وڌائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ انهن ملڪن تي زور ڀريو جن فلسطين کي تسليم نه ڪيو ته هو پنهنجي موقف تي نظرثاني ڪن. هن چيو ته ترڪيه گڏيل قومن ۾ فلسطينن لاءِ آواز اٿاريندو رهندو. فلسطين جي حوالي سان اردوان جي خطاب دوران اسرائيلي نمائندو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هال مان واڪ آئوٽ ڪري ويو. اردوان، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي موجوده ڍانچي تي به تنقيد ڪئي ۽ ان ۾ سڌارن جو مطالبو ڪيو.











