گڏيل قومون-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان زور ڀريو آهي ته فلسطينين جو تحفظ، انهن جي آزاد رياست جو قيام ۽ قبضي جو خاتمو خطي جي امن کي مضبوط بڻائڻ واري بنيادي ٿنڀن ۾ شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته اسرائيلين جو امن فلسطينن جي امن، انهن جي عزت ۽ وقار جي تحفظ ۽ انهن جي حقن جي ضمانت سان جڙيل آهي. …
فلسطينين جو تحفظ ۽ قبضي جو خاتمو خطي جي امن جو بنياد آهن: سعودي عرب
گڏيل قومون-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان زور ڀريو آهي ته فلسطينين جو تحفظ، انهن جي آزاد رياست جو قيام ۽ قبضي جو خاتمو خطي جي امن کي مضبوط بڻائڻ واري بنيادي ٿنڀن ۾ شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته اسرائيلين جو امن فلسطينن جي امن، انهن جي عزت ۽ وقار جي تحفظ ۽ انهن جي حقن جي ضمانت سان جڙيل آهي. هن چيو ته سعودي عرب آمريڪا ۽ فلسطيني اٿارٽي سان گڏجي فلسطيني اٿارٽي جي مالي استحڪام لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي اعليٰ سطحي هفتي جي افتتاحي اجلاس ۾ سعودي وفد جي قيادت ڪئي. انهي سلسلي ۾ شهزاده فيصل بن فرحان زور ڀريو ته غزه والاريل فلسطيني سر زمين جو ناقابل تنسيخ حصو آهي. هن، فرانس، برطانيه ۽ ڪينيڊا طرفان فلسطين کي تسليم ڪرڻ جي قدمن کي به ساراهيو.











