پشاور-23 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، نوشڪي ۾ پوليو ٽيم تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي تي مقرر 2 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گورنر هائوس جي ترجمان مطابق فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته شهيد پوليس اهلڪار عبدالرئوف ۽ محمد ياسر فرض جي ادائيگي دوران پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو، انهن …
خيبر پختونخوا جي گورنر پاران نوشڪي ۾ پوليو ٽيم تي دهشتگرد حملي جي مذمت
پشاور-23 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، نوشڪي ۾ پوليو ٽيم تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي تي مقرر 2 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گورنر هائوس جي ترجمان مطابق فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته شهيد پوليس اهلڪار عبدالرئوف ۽ محمد ياسر فرض جي ادائيگي دوران پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو، انهن جي قرباني قابل احترام آهي. هن چيو ته ٻارن کي موذي بيماري کان محفوظ بڻائڻ جي قومي جدوجهد ۾ رڪاوٽ وجهڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ انسانيت دشمن قدم آهي. پوليو جي خاتمي لاءِ خدمتون انجام ڏيندڙ ورڪرز ۽ انهن جي حفاظت تي مقرر پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جو تحفظ هر صورت يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جون قربانيون قوم هميشه ياد رکندي، شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ دهشتگردي خلاف قومي عزم وڌيڪ مضبوظ ٿيندو. هن شهيد پوليس اهلڪارن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان ڏک جي ان گهڙي ۾ شهيدن جي پوئينرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جي درجن جي بلندي، کيس جوار رحمت ۾ جاءِ عنايت فرماءِ ۽ سوڳوار خاندانن کي صبر عطا ڪري.











