اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد، نوشڪي ۾ پوليو ٽيم تي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته نوشڪي ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر 2 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي دلي افسوس ۽ ڏک آهي. سينيٽر روبينه خالد چيو ته پوليو ٽيم جي حفاظت ڪندي شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪريان ٿي. شهيد پوليس اهلڪار …
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد جي نوشڪي ۾ پوليو ٽيم تي حملي جي مذمت
اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد، نوشڪي ۾ پوليو ٽيم تي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته نوشڪي ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر 2 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي دلي افسوس ۽ ڏک آهي. سينيٽر روبينه خالد چيو ته پوليو ٽيم جي حفاظت ڪندي شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪريان ٿي. شهيد پوليس اهلڪار محمد ياسر ۽ عبدالرئوف جي قرباني کي قوم هميشه ياد رکندي. هن چيو ته پوليو ورڪرز اسان جي ٻارن کي محفوظ ۽ صحتمند مستقبل ڏيڻ لاءِ قومي فرض انجام ڏئي رهيا آهن. پوليو ٽيمن تي حملا اصل ۾ پاڪستان جي ٻارن جي محفوظ مستقبل تي حملا آهن. هن چيو ته دهشتگرد عنصر عام صحت جي قومي مهم کي نقصان پهچائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندا. پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪم ڪندڙ ورڪرز ۽ انهن جي حفاظت تي مقرر اهلڪار قوم جا محسن آهن. سينيٽر روبينه خالد چيو ته پوليو خلاف قومي مهم هر صورت جاري رهڻ گهرجي، ٻارن کي موذي مرض کان محفوظ بڻائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. هن چيو ته شهيدن جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهيان، الله تعاليٰ شهيدن جي درجن جي بلندي فرماءِ.











