وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاران سعودي عرب جي قومي ڏينهن تي نيڪ خواهشن جو اظهار

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، سعودي عرب جي 96هين قومي ڏينهن جي موقعي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ مبارڪن واري پيغام ۾ هن چيو ته سعودي عرب جي قومي ڏينهن تي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ سعودي عوام کي دلي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. سعودي عرب جو اتحاد، ترقي …

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، سعودي عرب جي 96هين قومي ڏينهن جي موقعي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ مبارڪن واري پيغام ۾ هن چيو ته سعودي عرب جي قومي ڏينهن تي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ سعودي عوام کي دلي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. سعودي عرب جو اتحاد، ترقي ۽ خوشحالي جو سفر دنيا لاءِ تقليد جو سبب آهي. شاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان جي قيادت ۾ سعودي عرب ترقي طرف گامزن آهي، سعودي ويزن 2030ع مملڪت جي پائيدار ترقي جي عڪاسي ڪري ٿو. پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڀائپي وارا لاڳاپا گڏيل احترام ۽ اخوت تي قائم آهن. هن، دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سعودي عرب کي دائمي امن، خوشحالي، استحڪام ۽ مسلسل ڪاميابيون عطا فرمائي.