سنڌ حڪومت خاص ماڻهن جي تعليم، فني تربيت، روزگار ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڙن ماڻهن جي انساني حقن جو تحفظ، برابري جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ سماج ۾ سندن بامعنيٰ شرڪت يقيني بڻائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت خاص ماڻهن جي تعليم، فني تربيت، روزگار ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي. عالمي اشارتي ٻولي جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي …

ڪراچي-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڙن ماڻهن جي انساني حقن جو تحفظ، برابري جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ سماج ۾ سندن بامعنيٰ شرڪت يقيني بڻائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت خاص ماڻهن جي تعليم، فني تربيت، روزگار ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي. عالمي اشارتي ٻولي جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته 23 سيپٽمبر تي سڄي دنيا ۾ عالمي اشارتي ٻولي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، جڏهن ته هن سال ڏينهن جو موضوع ”ٻوڙن ماڻهن جي انساني حقن جو اعلان“ آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اشارتي ٻولي ٻوڙن ماڻهن لاءِ رابطي سان گڏ سندن سڃاڻپ، تعليم، ثقافت ۽ انساني حقن جو بنيادي ذريعو آهي. سنڌ حڪومت خاص تعليم جي مرڪزن ۾ 49 ڊجيٽل ڪلاس رومز قائم ڪيا آهن، جڏهن ته 20 سيٽلائيٽ اسڪولن جو منصوبو پڻ شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٻوڙن شاگردن جي بهتر تعليم لاءِ سائن لينگويج ٽيچرز ٽريننگ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ جي مختلف ڊويزنن ۾ خاص ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ سينٽرز آف ايڪسيلينس قائم ڪيا پيا وڃن. وڏي وزير چيو ته خاص ماڻهن لاءِ فني ۽ مهارتي تربيت جا موقعا وڌايا پيا وڃن، جڏهن ته ٻوڙن ماڻهن کي ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ ۽ محفوظ سفري سهولتن ۾ پڻ مدد فراهم ڪئي پئي وڃي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 948 پاڪستان سائن لينگويج نشانين تي قومي اتفاق راءِ قائم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسيس ٽو ميڊيا ڊيف پرسنس ايڪٽ 2022ع ٻوڙن ماڻهن جي ميڊيا تائين رسائي لاءِ اهم قانوني قدم آهي. گڏيل قومن جي معذور ماڻهن جي حقن بابت ڪنوينشن ۾ پڻ اشارتي ٻولي جي حقن کي تسليم ڪيو ويو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته 2026ع ورلڊ فيڊريشن آف دي ڊيف جي قيام جي 75هين سالگرهه جو سال پڻ آهي. هن چيو ته ٻوڙن ماڻهن جي حقن تي مڪمل عملدرآمد لاءِ عملي قدم تيز ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته ”اسان بابت ڪجهه به، اسان کان سواءِ نه“ جي اصول تحت ٻوڙن ماڻهن جي بامعنيٰ شرڪت يقيني بڻائي ويندي. اشارتي ٻولي جي فروغ سان تعليم، روزگار، صحت ۽ عوامي خدمتن تائين ٻوڙن ماڻهن جي رسائي بهتر بڻائي سگهجي ٿي. وڏي وزير چيو ته عالمي اشارتي ٻولي جو ڏينهن ٻوڙن ماڻهن جي عزت، سڃاڻپ ۽ انساني حقن جي احترام جو پيغام ڏئي ٿو ۽ سنڌ حڪومت سمورن خاص ماڻهن کي برابري جا حق ۽ موقعا فراهم ڪرڻ جي عزم تي قائم آهي.

مزید خبریں