اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي اڳوڻي سينيٽر تاج محمد آفريدي ۽ الحاج جنت شير آفريدي جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ شاهه جي گل آفريدي جي رهائشگاهه آمد، مرحومين جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي

پشاور - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اڳوڻي سينيٽر تاج محمد آفريدي ۽ الحاج جنت شير آفريدي جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ شاهه جي گل آفريدي جي رهائشگاهه تي ويو ۽ مرحومين جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير سوڳوار خاندان سان دلي همدرديءَ ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. خيبرپختونخواهه جو اڳوڻو گورنر اقبال ظفر جهڳڙا …

پشاور – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اڳوڻي سينيٽر تاج محمد آفريدي ۽ الحاج جنت شير آفريدي جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ شاهه جي گل آفريدي جي رهائشگاهه تي ويو ۽ مرحومين جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير سوڳوار خاندان سان دلي همدرديءَ ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. خيبرپختونخواهه جو اڳوڻو گورنر اقبال ظفر جهڳڙا ۽ وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي خان پڻ اطلاعات واري وفاقي وزير سان گڏ هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تاج محمد آفريدي ۽ الحاج جنت شير آفريدي جي لاڏاڻي تي دلي افسوس ٿيو، مرحومين جي سماجي ۽ سياسي خدمتن کي سدائين قدر ۽ احترام سان ياد رکيو ويندو. هن چيو ته مرحومين جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال آساني سان نه ڀرجي سگهبو. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعالى مرحومين کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل ڏي.