مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي تي پڪو يقين رکي ٿي: عطاءُ الله تارڙ

پشاور - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي تي پڪو يقين رکي ٿي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي حڪومت خيبرپختونخواهه کي تباهي ۽ بربادي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو، خيبرپختونخواهه حڪومت اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻ چاهي ٿي، خيبرپختونخواهه حڪومت صوبي جي حالت تي ڌيان ڏي. اهڙن …

پشاور – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي تي پڪو يقين رکي ٿي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي حڪومت خيبرپختونخواهه کي تباهي ۽ بربادي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو، خيبرپختونخواهه حڪومت اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻ چاهي ٿي، خيبرپختونخواهه حڪومت صوبي جي حالت تي ڌيان ڏي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن يونيورسٽي ٽائون پشاور ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر جلال خان جي آفيس جي افتتاح جي موقعي تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هو وڏي انگ ۾ استقبال ڪرڻ تي عوام جو ٿورائتو آهي. هن انهن جي وچ ۾ موجودگي تي خوشي جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته خيبرپختونخواهه غيرتمند ۽ بهادر ماڻهن جي سرزمين آهي، پاڪستان جي لاءِ انهن جون قربانيون بي شمار آهن. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان محمد نواز شريف ڪيترائي ترقياتي منصوبا مڪمل ڪري خيبرپختونخواهه کي عزت ڏني جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف صوبي کي خوشحالي جي راهه تي اڳتي وٺي وڃڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيو آهي. حڪومت جي تعليمي قدمن جو حوالو ڏيندي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ دانش اسڪول قائم ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته صوبي جي عوام پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي صوبائي اسيمبلي جي بهترين ميمبرن کي چونڊيو آهي. هن صوبي جي خدمت ۾ انهن جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته تحريڪ انصاف وارا جلال خان جي جلال کان ڊڄن ٿا. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) تي تنقيد ڪندي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ جو سياسي بيانيو سوشل ميڊيا تي ڪوڙ ۽ شعبده بازي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت خيبرپختونخواهه کي تباهي ۽ بربادي کانسوآءِ ڪجهه نه ڏنو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻ چاهي ٿي، پنهنجي صوبي ۾ باهه لڳي آهي ۽ هي لاهور پهچي ويا. هن چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت صوبي جي حالت تي ڌيان ڏي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته جڏهن به صوبي جي عوام پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏيندي، پارٽي صوبي کي تيز رفتار ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪندي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) عملي قدمن تي يقين رکي ٿي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي سياسي کوکلي نعرن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته سندس پارٽي ڪڏهن به اهڙي منفي سياست نه ڪئي جهڙي پي ٽي آءِ ڪندي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) سدائين مشڪل حالتن کي منهن ڏنو آهي ۽ چئلينجز جو مقابلو ڪندي ملڪ کي سمورن بحرانن مان ڪڍڻ جاري رکيو آهي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پي ٽي آءِ جي بار بار يوٽرن وٺڻ تي به تنقيد ڪندي چيو ته جڏهن اها پارٽي وڏيون دعوائون ڪري ٿي، بعد ۾ پنهنجي موقف تان پٺتي هٽي وڃي ٿي ۽ مشڪل حالتن ۾ عوام کي اڪيلو ڇڏي ڏي ٿي. هن چيو ته انشاءَالله هڪ ڏينهن ايندو جڏهن خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جو نالو نشان تائين نه رهندو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام پاڪستان مسلم ليگ (ن) مان وڏيون اميدون رکيون آهن ڇو ته اها ئي واحد پارٽي آهي جيڪا ملڪ کي موجوده چئلينجز مان ڪڍي سگهي ٿي ۽ عوام جا مسئلا حل ڪري سگهي ٿي.

مزید خبریں