نيويارڪ - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي يونان جي پرڏيهي وزير جارج گيراپيٽريٽس سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يونان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب يونان جي پرڏيهي وزير …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي يونان جي پرڏيهي وزير جارج گيراپيٽريٽس سان ملاقات

مزید خبریں
نيويارڪ – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي يونان جي پرڏيهي وزير جارج گيراپيٽريٽس سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يونان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب يونان جي پرڏيهي وزير گيراپيٽريٽس علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار سان گڏوگڏ عالمي سطح تي پاڪستان جي وڌندڙ سفارتي سرگرمين کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يونان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سطح تي رابطن جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو. يونان ۾ رهندڙ پاڪستانين جي قابل قدر خدمتن کي پڻ يوناني پرڏيهي وزير ساراهيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن توانائي جي فراهمي ۾ خلل سميت علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ بنا رڪاوٽ سامونڊي چرپر جي اهميت تي زور ڏنو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن اعلى سطحي رابطن کي مسلسل برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو ۽ هڪ ٻئي کي گڏيل دورن جي دعوت ڏني.









