نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي هنگري جي پرڏيهي وزير انيتا اربان سان ملاقات

نيويارڪ - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي هنگري جي پنهنجي هم منصب انيتا اربان سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هنگري جي پرڏيهي وزير اربان کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ …

نيويارڪ – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي هنگري جي پنهنجي هم منصب انيتا اربان سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هنگري جي پرڏيهي وزير اربان کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ مدي دوران سندس ڪاميابي جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان – هنگري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، سياسي، اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري، واپار، تعليمي ۽ عوامي سطح جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي طرفن کان گڏيل مشغوليت ۾ تسلسل برقرار رکڻ جي لاءِ باقاعده ٻطرفي مشاورتي مڪينزم منعقد ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چئلينجز کي منهن ڏيڻ جو واحد قابل عمل ذريعو ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري آهي ۽ سمورين ڌرين کي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت طرف واپس اچڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ڌرين گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن تي ويجهي رابطن جي فروغ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں