ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمت ۾ معمولي اضافو رڪارڊ

اسلام آباد- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمت ۾ گذريل هفتي دوران معمولي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. قومي شماريات اداري مطابق 17 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي دوران ملڪ جي اترئين علائقن ۽ شهرن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي قيمت 1553 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي 1547 رپين جي ڀيٽ ۾ 0.42 سيڪڙو وڌيڪ آهي، ڄاڻايل هفتي ملڪ جي ڏاکڻين علائقن …

اسلام آباد- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمت ۾ گذريل هفتي دوران معمولي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. قومي شماريات اداري مطابق 17 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي دوران ملڪ جي اترئين علائقن ۽ شهرن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي قيمت 1553 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي 1547 رپين جي ڀيٽ ۾ 0.42 سيڪڙو وڌيڪ آهي، ڄاڻايل هفتي ملڪ جي ڏاکڻين علائقن ۽ شهرن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي ريٽيل قيمت 1547 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي دوران به 1547 رپيا هئي. شهرن جي لحاظ سان اسلام آباد ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي رٽيل قيمت 1508، راولپنڊي 1498، سيالڪوٽ ۾ 1540، لاهور ۾ 1600، فيصل آباد ۾ 1550، پشاور ۾ 1553 رپيا ۽ بنون ۾ 1480 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي. ساڳئي طرح ڏاکڻين علائقن ۽ شهرن ۾ ڪراچي ۾ سيمينٽ جي في ٻوري قيمت 1470، حيدرآباد ۾ 1519، سکر 1610، لاڙڪاڻو 1523، ڪوئيٽا 1560 ۽ خضدار ۾ 1600 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي.

مزید خبریں