نيويارڪ- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ گڏيل قومن ۽ عالمي فورمن تي متفقه موقف برقرار رکي، ڪشمير تڪرار عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهي، ڀارت طرفان ڪوبه مُلڪي قانون، چونڊ عمل، عدالتي فيصلو يا آبادي جي شرح ۾ تبديلي خودمختياري جي مڃيل حق جو متبادل نٿو ٿي سگهي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس …
ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ گڏيل قومن ۽ عالمي فورمن تي متفقه موقف برقرار رکي: اسحاق ڊار
نيويارڪ- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ گڏيل قومن ۽ عالمي فورمن تي متفقه موقف برقرار رکي، ڪشمير تڪرار عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهي، ڀارت طرفان ڪوبه مُلڪي قانون، چونڊ عمل، عدالتي فيصلو يا آبادي جي شرح ۾ تبديلي خودمختياري جي مڃيل حق جو متبادل نٿو ٿي سگهي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي ڪشمير تي او آءِ سي جي رابطا گروپ جي وزارتي اجلاس کي خطاب ڪيو. هن ڪشميري عوام جي مسلسل ۽ اصولي حمايت تي او آءِ سي سيڪريٽري جنرل، رابطا گروپ جي ميمبرن ۽ او آءِ سي جي خاص نمائندي ۽ آزاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن جا ٿورا ادا ڪيا. هن ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ مسلسل سياسي ۽ شهري پابندين ۽ آبادي جي شرح، سياسي ۽ ثقافتي حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته ڄمون ۽ ڪشمير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي هڪ عالمي طور تي تسليم ٿيل تڪرار آهي ۽ واضح ڪيو ته ڪابه ملڪي قانون سازي، عدالتي فيصلو، چونڊ عمل يا آبادي جي تبديلي ڪشميري عوام جي خودمختياري جي مڃيل حق جو متبادل نٿا ٿي سگهن. هن او آءِ سي رابطا گروپ تي زور ڏنو ته گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي فورمن تي ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي تي متفقه موقف برقرار رکيو وڃي. هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مُوجب ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم کي ورجايو.












