وزيراعظم پاران پوليو جي خاتمي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت، حفاظتي ٽُڪن، ڊجيٽلائيزيشن ۽ مالياتي شموليت جي شعبن ۾ پاڪستان سان گيٽس فائونڊيشن جي تعاون جي واکاڻ

نيويارڪ- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليو جي خاتمي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت، حفاظتي ٽُڪن، ڊجيٽلائيزيشن ۽ مالياتي شموليت جي شعبن ۾ پاڪستان سان گيٽس فائونڊيشن جي تعاون کي ساراهيو آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گيٽس فائونڊيشن جي چيئرمين بل گيٽس هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ گيٽس …

نيويارڪ- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليو جي خاتمي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت، حفاظتي ٽُڪن، ڊجيٽلائيزيشن ۽ مالياتي شموليت جي شعبن ۾ پاڪستان سان گيٽس فائونڊيشن جي تعاون کي ساراهيو آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گيٽس فائونڊيشن جي چيئرمين بل گيٽس هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ گيٽس فائونڊيشن جي ٽيم جي پاڪستان جي دوري جو ذڪر ڪندي، پوليو جي خاتمي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت، حفاظتي ٽُڪن، ڊجيٽلائيزيشن ۽ مالياتي شموليت جي شعبن ۾ پاڪستان سان فائونڊيشن جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ حڪومت جي اڻٿڪ عزم کي ورجايو. هن ان اهم مقصد جي لاءِ گيٽس فائونڊيشن جي ڊگهي عرصي کان جاري مدد تي ٿورا مڃيندي پوليو جي مُڪمل خاتمي لاءِ پنهنجي ذاتي عزم جو به اظهار ڪيو. بل گيٽس، وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان جي پوليو جي خاتمي لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ايندڙ نسلن کي ان موذي مرض کان محفُوظ رکڻ لاءِ پوليو جو خاتمو تمام گهڻو ضروري آهي. هن سڄي ملڪ ۾ پوليو ويڪسينيشن پروگرام تي صوبائي حڪومتن کي وزيراعظم پاران فراهم ڪيل ذاتي رهنمائي جي به واکاڻ ڪئي. وزيراعظم پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ گيٽس فائونڊيشن جي اعتماد جوڳي حصيدرا جي ڪردار کي ساراهيندي عوامي صحت، زراعت، ڊجيٽل جدت ۽ مصنوعي ذهانت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم بل گيٽس کي حڪومت طرفان زرعي شعبي ۾ ڪيل سڌارن کان پڻ آگاهه ڪيو، جن ۾ جدت، بائيوٽيڪنالاجي، موسمياتي تبديلي سان هڪجهڙائي رکڻ جي صلاحيت، تحقيق ۽ آبادگارن جي صلاحيت اضافي تي خصوصي ڌيان ڏنو پيو وڃي. ٻنهي اڳواڻن بهتر ٻجن جي تياري، چوپائي مال جي جينياتي بهتري ۽ اڀرندڙ زرعي ٽيڪنالاجيز جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون جا امڪان ڳولڻ تي به اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان جي جٽادار ترقي، ٽيڪنالاجي اڳڀرائي ۽ سماجي شعبن ۾ بهتري لاءِ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ۽ سگهه ڏيڻ جي عزم کي ورجايو ويو. وزيراعظم  مُلاقات ۾ بل گيٽس کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني.