نيويارڪ- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بوسنيا ۽ هرزيگووينا سان پاڪستان جي تاريخي، ويجهن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي ورجائيندي انهن لاڳاپن کي واپار ۽ اقتصادي تعاون تي ٻڌل مضبوط ۽ وسيع بنيادن تي ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي صدارتي ڪائونسل جي …
وزيراعظم پاران بوسنيا ۽ هرزيگووينا سان لاڳاپن کي واپار ۽ اقتصادي تعاون تي ٻڌل مضبوط ۽ وسيع بنيادن تي ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار
نيويارڪ- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بوسنيا ۽ هرزيگووينا سان پاڪستان جي تاريخي، ويجهن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي ورجائيندي انهن لاڳاپن کي واپار ۽ اقتصادي تعاون تي ٻڌل مضبوط ۽ وسيع بنيادن تي ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي صدارتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر ڊينس بيچيرووچ سان ملاقات ڪئي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات دوران، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمُورن رُخن جو جائزو ورتو، جن ۾ سياسي، اقتصادي، دفاعي تعاون، هنرمند افرادي قوت جي مٽاسٽا، تعليم ۽ ثقافت جا شعبا شامل آهن. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم بوسنيا ۽ هرزيگووينا سان پاڪستان جي تاريخي، ويجهن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي ورجائيندي انهن لاڳاپن کي واپار ۽ اقتصادي تعاون تي ٻڌل مضبوط ۽ وسيع بنيادن تي ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت لاءِ پاڪستان جي ڀرپُور حمايت کي ورجائيندي ڏنو ته علائقائي استحڪام هڪ مضبوط، مستحڪم ۽ خوشحال بوسنيا ۽ هرزيگووينا سان ڳنڍيل آهي. بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي يورپي يونين ۾ شامل ٿي لاءِ ڳالهين جي باضابطه شروعات تي ڊاڪٽر ڊينس بيچرووچ کي مبارڪباد ڏيندي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان بوسنيا ۽ هرزيگووينا کي يورپي ۽ اولهه بلقان جي منڊين تائين پاڪستاني مصنوعات جي پهچ جي لاءِ خطي ۾ واپار ۽ علائقائي رابطن جي هڪ امڪاني مرڪز طور ڏسي ٿو. ڊاڪٽر ڊينس بيچرووچ اولهه ايشيا ۽ نار خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ حالتن کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ پاڪستان جي ثالثي واري ڪردار جي ڪردار کي ساراهيو. ڊاڪٽر ڊينس بيچرووچ سنڌ طاس معاهدي کي معطل رکڻ جي قدمن جي غير قانوني حيثيت بابت پاڪستان جي موقف جي پُڻ مڪمل حمايت ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ گڏيل رابطي ۾ رهڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان ڏس ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي دورن جي مٽاسٽا کي به فروغ ڏنو ويندو.












