نيويارڪ- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار افغانستان اندر دهشتگرد گروپن جي موجودگي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان ڳالهه جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته افغان سرزمين کي پاڙيسري ملڪن، خاص طور تي پاڪستان جي خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ ٺوس ۽ تصديق جوڳا قدم کنيا وڃن. پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري ڪيل …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران افغانستان اندر دهشتگرد گروپن جي موجودگي تي سخت ڳڻتي جو اظهار
نيويارڪ- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار افغانستان اندر دهشتگرد گروپن جي موجودگي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان ڳالهه جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته افغان سرزمين کي پاڙيسري ملڪن، خاص طور تي پاڪستان جي خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ ٺوس ۽ تصديق جوڳا قدم کنيا وڃن. پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي افغانستان بابت اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي رابطا گروپ جي اجلاس کي خطاب ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته افغان سرزمين کي پاڙيسري ملڪن، خاص طور تي پاڪستان جي خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ ٺوس ۽ تصديق جوڳا قدم کنيا وڃن، هُن افغانستان اندر دهشتگرد گروپن جي موجودگي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان پاران ڏنل قربانين جو ذڪر ڪيو. هن خيبر پختونخواه جي ڪوهاٽ ضلعي ۾ تازي دهشتگرد حملي کي به اجاگر ڪيو، جنهن ۾ بيگناهه ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. هن چيو ته هي واقعو خطي مان پيدا ٿيندڙ دهشتگردي جي سنگين خطري جي واضح ياد ڏياري ٿو. هن زور ڏنو ته اهڙا حملا دهشتگرد گروپن ۽ انهن جي پناهگاهن جي خلاف ٺوس قدمن جي فوري ضرورت کي اجاگر ڪن ٿا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير طالبان تي زور ڏنو ته هُو افغانستان جي عالمي ذميدارين ۽ واعدن جي پاسداري ڪن، دهشتگرد گروپن جي سرپرستي ختم ڪن، عورتن ۽ ڇوڪرين تي لڳايل اهڙيُون پابنديون ختم ڪن جيڪي اسلامي اصولن ۽ مسلم سماج جي قدرن ۽ ضابطن جي خلاف آهن، سياسي طور تي جامع حڪمراني کي فروغ ڏين ۽ افغانستان واپس ايندڙ افغان شهرين جي ٻيهر آبادڪاري ۽ سماجي انضمام ۾ سهولت فراهم ڪن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير افغانستان جي انساني ضرورتن ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ مناسب عالمي مالي مدد جي فراهمي تي زور ڏنو. هن هڪ اهڙي مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ورجايو جيڪو پاڻ ۽ پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان امن سان رهي.












