وزيراعظم پاران بلوچستان جي علائقي پشڪان ۾ اسمگلنگ جي هڪ وڏي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ تي پاڪستان نيوي ۽ پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جي واکاڻ

نيويارڪ- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي علائقي پشڪان ۾ اسمگلنگ جي هڪ وڏي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ تي پاڪستان نيوي ۽ پاڪستان ڪوسٽ گارڊز کي ساراهيو آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، جوائنٽ اينٽي اسمگلنگ آپريشن جي تحت ڪيل گڏيل ڪارروائي جي نتيجي ۾ شراب ۽ غير قانوني دوائن سميت منع ٿيل شين جو هڪ وڏو ذخيرو …

نيويارڪ- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي علائقي پشڪان ۾ اسمگلنگ جي هڪ وڏي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ تي پاڪستان نيوي ۽ پاڪستان ڪوسٽ گارڊز کي ساراهيو آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، جوائنٽ اينٽي اسمگلنگ آپريشن جي تحت ڪيل گڏيل ڪارروائي جي نتيجي ۾ شراب ۽ غير قانوني دوائن سميت منع ٿيل شين جو هڪ وڏو ذخيرو ضبط ڪيو ويو. وزيراعظم ان ڪامياب آپريشن کي ساراهيندي چيو ته ملڪ مان اسمگلنگ جي لعنت کي پاڙ کان پتي اڇلڻ جي لاءِ ادارن جي وچ ۾ گڏيل رابطا ۽ تعاون انتهائي اهميت جوڳو آهي. وزيراعظم ڪارراوئي ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن جي پيشيوراڻين صلاحيتن، محنت ۽ تياري جي واکاڻ ڪئي.