اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته پرڏيهي صحافين کي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ هڪ ڇت هيٺيان سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي صحافين کي فراهم ڪيل سهولتن جي حوالي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي اعلان موجب آمريڪا ۽ ايران جي …
پرڏيهي صحافين کي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ هڪ ڇت هيٺيان سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن: عطاءُ الله تارڙ
اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته پرڏيهي صحافين کي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ هڪ ڇت هيٺيان سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي صحافين کي فراهم ڪيل سهولتن جي حوالي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي اعلان موجب آمريڪا ۽ ايران جي صحافين لاءِ ويزا آن ارائيول هوندي. هن چيو ته ڪوريج لاءِ سڄي دنيا مان صحافي پاڪستان پهچي رهيا آهن، صحافين کي هڪ ئي ڇت هيٺيان سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته 50 جي لڳ ڀڳ صحافي پاڪستان پهچي چڪا آهن. چين، سعودي عرب، جاپان، جرمني، ڪوريا سميت مختلف ملڪن کان صحافين ويزا جون درخواستون ڏنيون آهن. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ صحافين لاءِ هڪ ڇت هيٺيان سموريون ضروري سهولتون جن ۾ هاءِ اسپيڊ انٽرنيٽ ڪنيڪٽيويٽي، پرنٽرز، ڪمپيوٽرز شامل آهن، جڏهن ته اسڪرينز به لڳايا ويا آهن. صحافين کي ذميواريون ادا ڪرڻ لاءِ سموريون گهربل سهولتون هتي دستياب آهن. هن چيو ته جناح ڪنوينشن سينٽر کان ريڊ زون ويجهو آهي، صحافي هتان آساني سان ڪوريج ڪري سگهن ٿا، صحافين کي خصوصي ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن ۽ کين سموريون سهولتون هڪ ئي جاءِ تي فراهم ڪيون ويون آهن ته جيئن کين ڪوريج ۾ ڪا ڏکيائي پيش نه اچي. وفاقي وزير چيو ته ڪوريج لاءِ ايندڙ پرڏيهي صحافين کي ڀليڪار چئون ٿا.












