سون جي قيمت ۾ 700 رپيا في تولو گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد-11 اپريل (اي پي پي) مقامي مارڪيٽن ۾ ڇنڇر ڏينهن  24 قيراط سون  جي في تولو قيمت ۾ 700 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ في تولو سون  4 لک 97 هزار 662 روپيا مان گهٽجي 4 لک 96 هزار 962 رپيا ٿي وئي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت 600 رپين جي گهٽتائي سان 4 لک 26 هزار 664 رپين مان گهٽجي 4 لک 26 هزار 64 رپيا ٿي وئي. جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 550 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ …

اسلام آباد-11 اپريل (اي پي پي) مقامي مارڪيٽن ۾ ڇنڇر ڏينهن  24 قيراط سون  جي في تولو قيمت ۾ 700 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ في تولو سون  4 لک 97 هزار 662 روپيا مان گهٽجي 4 لک 96 هزار 962 رپيا ٿي وئي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت 600 رپين جي گهٽتائي سان 4 لک 26 هزار 664 رپين مان گهٽجي 4 لک 26 هزار 64 رپيا ٿي وئي. جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 550 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 91 هزار 122 رپين مان گهٽجي 3 لک90 هزار 572 رپيا ٿي وئي. ملڪي مارڪيٽ ۾ گذريل ڏينهن  چاندي جي قميت ۾  50 رپيا في تولو جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي ۽ في تولو چاندي جي قميت 8 هزار 14 مان وڌي 8 هزار 64 رپيا ٿي وئي. ساڳئي طرح 10 گرام چانديءَ جي قيمت 43 رپين جي واڌ سان 10 گرام چاندي جي قيمت 6 هزا 870 رپين مان وڌي 6 هزار 913  رپيا ٿي وئي. عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ 7 ڊالر في اونس جي گهٽتائي کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت 4 هزار 753 ڊالر جي   مقابلي ۾ 4 هزار 746 ڊالر اونس تائين گهٽجي وئي. جڏهن ته چاندي جي قيمت ۾ 0.50 ڊالر في اونس واڌ ٿي آهي ۽ چاندي جي في اونس قيمت 75.80 ڊالر تائين وڌي وئي.