اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات دير سان اسلام آباد انٽرنيشنل ايئيپورٽ تان سعودي عرب جي ناڻي واري وزير محمد بن عبدالله الجدان کي رخصت ڪيو. سعودي عرب جو ناڻي وارو وزير پاڪستان جي دوري تي هو. هتي جاري بيان مطابق ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب …
ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان سعودي عرب جي ناڻي واري وزير کي رخصت ڪيو
اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات دير سان اسلام آباد انٽرنيشنل ايئيپورٽ تان سعودي عرب جي ناڻي واري وزير محمد بن عبدالله الجدان کي رخصت ڪيو. سعودي عرب جو ناڻي وارو وزير پاڪستان جي دوري تي هو. هتي جاري بيان مطابق ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ مضبوط ٻه طرفن لاڳاپن ۽ جاري اقتصادي سهڪار تي مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي. سينيٽر اورنگزيب، سعودي وزير سان واشنگٽن ڊي سي ۾ ٿيل عالمي بينڪ گروپ – آءِ ايم ايف اسپنگ ميٽنگز دوران ٻيهر ملاقات جي خواهش جو به اظهار ڪيو، جيڪو ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ ويجهي ۽ پائيدار ڀائيواري جي عڪاسي ڪري ٿو.












