سينيٽ چيئرمين پاران اتر عربي سمنڊ ۾ ڪامياب ريسڪيو آپريشن تي پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اتر عربي سمنڊ ۾ پاڪ بحريه جي ڪامياب ريسڪيو آپريشن تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪ بحريه جي وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 18 پرڏيهي ماڻهن جي قيمتي جان …

اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اتر عربي سمنڊ ۾ پاڪ بحريه جي ڪامياب ريسڪيو آپريشن تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪ بحريه جي وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 18 پرڏيهي ماڻهن جي قيمتي جان محفوظ بڻائي وئي، جيڪا پاڪستان جي هاڪاري ۽ ذميواراڻي ڪردار جي عڪاسي آهي. هن چيو ته پاڪ بحريه جي پيشيوراڻي مهارت، فرض شناسي ۽ خدمت جو جذبو تعريف جوڳو آهي. هن چيو ته هنگامي حالتن ۾ پاڪ بحريه جو فوري ۽ منظم رد عمل ان جي اعليٰ تربيت ۽ مضبوط پيشيوراڻي صلاحيتن جو ثبوت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪامياب ريسڪيو آپريشن نه صرف پاڪستان جي عالمي سڃاڻپ کي مضبوط ڪيو پر انسانيت جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي عزم کي به نمايان ڪيو. هن چيو ته ريسڪيو ڪيل ماڻهن کي فوري طبي امداد جي فراهمي انسان دوستي ۽ انساني قدرن جو روشن مثال آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج هر ڏکئي وقت ۾ انسانيت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ ملڪ ۽ قوم جو وقار بلند ڪرڻ ۾ اڳيان آهي.