صدر آصف علي زرداري پاران اتر عربي سمنڊ ۾ هنگامي امدادي ڪارروائي دوران غيرملڪي عملي کي حفاظت سان ريسڪيو ڪرڻ تي پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر عربي سمنڊ ۾ هنگامي امدادي ڪارروائي دوران غيرملڪي عملي کي حفاظت سان ريسڪيو ڪرڻ تي پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيواراڻي مهارت ۽ وقت سر قدمن کي ساراهيو آهي. هن چيو ته انساني جانين جي تحفظ جي …

اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر عربي سمنڊ ۾ هنگامي امدادي ڪارروائي دوران غيرملڪي عملي کي حفاظت سان ريسڪيو ڪرڻ تي پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيواراڻي مهارت ۽ وقت سر قدمن کي ساراهيو آهي. هن چيو ته انساني جانين جي تحفظ جي لاءِ پاڪ بحريه جو فوري ۽ موثر ردعمل ساراهه جوڳو آهي.