اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر عربي سمنڊ ۾ هنگامي انساني امدادي ڪارروائي دوران مختلف ملڪن جي 18 ڄڻن تي ٻڌل عملي کي حفاظت سان ريسڪيو ڪرڻ تي پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيوراڻي صلاحيتن، فوري رد عمل ۽ انسان دوستي جي جذبي کي ساراهيو. وزيراعظم …
وزيراعظم پاران اتر عربي سمنڊ ۾ مختلف ملڪن جي 18 ماڻهن تي ٻڌل عملي کي حفاظت سان ريسڪيو ڪرڻ تي پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر عربي سمنڊ ۾ هنگامي انساني امدادي ڪارروائي دوران مختلف ملڪن جي 18 ڄڻن تي ٻڌل عملي کي حفاظت سان ريسڪيو ڪرڻ تي پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيوراڻي صلاحيتن، فوري رد عمل ۽ انسان دوستي جي جذبي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته مرچنٽ ويسل ”گولڊ ايٽم“ کان ملندڙ هنگامي اطلاع تي پاڪ بحريه جي جهاز پي اين ايس حنين فوري ۽ موثر سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ڪيو. وزيراعظم چيو ته آپريشن ۾ مختلف ملڪن چين، بنگلاديش، ميانمار، ويٽنام ۽ انڊونشيا سميت ٻين ملڪن سان تعلق رکندڙ عملي کي حفاظت سان ڪڍيو ويو. سمورن ماڻهن کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو جتي کين طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ انهن جي پنهنجي ملڪن ڏانهن واپسي جا انتظام ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته پاڪ بحريه پنهنجي دائري ڪار ۾ هر قسم جي سامونڊي هنگامي صورتحال ۾ هميشه اولين امدادي اداري طور ڪردار ادا ڪندي رهندي.












