اسلام آباد-30 مارچ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان ۾ ڪويت جي سفير ناصر عبدالرحمان جاسم المطيري ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن ناتن، توانائيءَ جي شعبي ۾ سهڪار ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ وئي. وفاقي وزير ڪويت پيٽروليم ڪارپوريشن (ڪي پي سي) طرفان پاڪستاني جهنڊي بردار جهازن کي ڪويت مان ڊيزل ۽ جيٽ فيول جي امڪاني درآمديءَ لاءِ مڪمل سهولت …
وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان ڪويت جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-30 مارچ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان ۾ ڪويت جي سفير ناصر عبدالرحمان جاسم المطيري ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن ناتن، توانائيءَ جي شعبي ۾ سهڪار ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ وئي. وفاقي وزير ڪويت پيٽروليم ڪارپوريشن (ڪي پي سي) طرفان پاڪستاني جهنڊي بردار جهازن کي ڪويت مان ڊيزل ۽ جيٽ فيول جي امڪاني درآمديءَ لاءِ مڪمل سهولت فراهم ڪرڻ جي خاطري تي ٿورو ادا ڪيو. وفاقي وزير عالمي ۽ علائقائي چئلينجز باوجود پاڪستان جي لڳاتار حمايت جو اعتراف ڪيو ۽ پاڪستان جي توانائي جي سلامتيءَ ۾ ڪويت جي ڪردار کي ساراهيو. هن سفير کان درخواست ڪئي ته هو ڪويت جي تيل واري وزير طارق سليمان الرومي ۽ ڪي پي سي جي سي اي اي شيخ نواف الصباح تائين سندس نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائي. ملاقات دوران وفاقي وزير پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻن ناتن تي روشني وجهندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتا نه صرف پُراڻا آهن پر دلين سان جڙيل آهن. هن چيو ته گذريل پنجن ڏهاڪن کان پاڪستان ڪويت خاص ڪري ڊيزل سميت پيٽروليم مصنوعات خريد ڪري رهيو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعتماد ۽ ڀائيواريءَ جو مظهر آهي.هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف تڪرارن جي پُرامن حل لاءِ سرگرم عمل آهي ۽ نار سهڪار ڪائونسل (جي سي سي) ملڪن جي ضرورتن موجب خوراڪ ۽ ٻين ضروري شين جي فراهميءَ جي قدمن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. ڪويت جي سفير امن کي هٿي وٺرائڻ ۾ پاڪستان جي هاڪاري ڪردار تي ٿورو ادا ڪيو. هن پاڪستان جي عوام، حڪومت ۽ هٿياربند فوج جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ڏُکين حالتن ۾ طاقت جي استعمال کي رد ڪندي پُرامن حل کي هٿي وٺرائڻ ۾ قيادت جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته ڪويت پاڪستان جي ڪاوشن تي فخر ڪري ٿو ۽ سندن ڪاميابيءَ لاءِ دعاگو آهي. هن پاڪستان جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۽ ڪويت توانائي جي شعبي سميت گڏيل دلچسپيءَ جي ٻين شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.











