واڪ پاڪستان ملڪ جي هاڪاري ۽ پُرامن سُڃاڻپ کي دنيا آڏو اجاگر ڪنداسين: راڻا مشهود احمد خان

اسلام آباد-30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته واڪ پاڪستان ملڪ جي هاڪاري ۽ پُرامن سُڃاڻپ کي دنيا آڏو اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، سمورن وڏن شهرن ۾ قيام دوران ثقافتي تقريبون، مقامي سرگرميون ۽ يوٿ انگيجمينٽ پروگرامز منعقد ڪيا ويندا، ان جي شروعات مينارِ پاڪستان لاهور کان ٿيندي ۽ اسلام آباد ۾ پڄاڻيءَ تي پهچندي. وزيراعظم يوٿ …

اسلام آباد-30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته واڪ پاڪستان ملڪ جي هاڪاري ۽ پُرامن سُڃاڻپ کي دنيا آڏو اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، سمورن وڏن شهرن ۾ قيام دوران ثقافتي تقريبون، مقامي سرگرميون ۽ يوٿ انگيجمينٽ پروگرامز منعقد ڪيا ويندا، ان جي شروعات مينارِ پاڪستان لاهور کان ٿيندي ۽ اسلام آباد ۾ پڄاڻيءَ تي پهچندي. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي آفيس مان جاري بيان موجب اها ڳالهه راڻا مشهود احمد خان پنهنجي صدارت هيٺ واڪ پاڪستان جي حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ چئي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي نوجوانن کي هاڪاري سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ واڪ پاڪستان جي شروعات هڪ ٻيو وڏو قدم آهي، پروگرام تحت ان واڪ جي بندوبست لاءِ اڄ ابتدائي مشاورتي اجلاس منعقد ڪيو ويو، واڪ پاڪستان جو مقصد نوجوانن ۾ قومي يڪجهتي، صحتمند طرزِ زندگي، ثقافتي هم آهنگي ۽ حب الوطني کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته اهو واڪ پاڪستان ۾ نوجوانن لاءِ اُميد، اعتماد ۽ قومي فخر جو پيغام بڻجندو. سندس چوڻ هو ته واڪ پاڪستان ۾ سمورن صوبن جا نمائندا، عورتون، شاگرد، اسپورٽس پرسنز، ميڊيا ۽ نوجوانن جو وڏو انگ شريڪ هوندو. چيئرمين چيو ته واڪ پاڪستان ذريعي مقامي معيشت کي هٿي ملندي ۽ هوٽلنگ، ٽرانسپورٽ، سياحت ۽ مقامي ڪاروبار ۾ نمايان سرگرميون پيدا ٿينديون. رانا مشهود احمد خان چيو ته اها مهم پاڪستان جي ٽوئر ازم انڊسٽريءَ لاءِ نوان موقعا ۽ ملڪ جي هاڪاري سڃاڻپ کي مضبوط ڪندي. هن چيو ته پاڪستان جي مختلف علائقن جي تاريخي ماڳن ۽ قدرتي حسن کي قومي ۽ عالمي سطح تي نمايان ڪيو ويندو، واڪ ۾ شامل ٿيندڙ نوجوان ”ڊجيٽل يوٿ حب“ تي رجسٽر ٿيندا، ان جي شروعات مينارِ پاڪستان کان ٿيندي. هن چيو ته واڪ پاڪستان 14 کان 18 ڏينهن ۾ مڪمل جڏهن ته سيڪيورٽي ۽ لاجسٽڪ پلاننگ انتهائي پروفيشنل انداز ۾ مڪمل ڪئي ويندي. هن چيو ته واڪ پاڪستان ذريعي دنيا کي ٻُڌايو ويندو ته پاڪستان جا نوجوان باشعور، هاڪاري ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اجلاس ۾ سمورين ڌُرين شرڪت ڪئي ۽ مختلف رُخن تي مشاورت ڪئي وئي. نويد شيرواني، صباحت رفيق ۽ ڪامران لاشاري ”واڪ پاڪستان“ لاءِ جوڙيل ورڪنگ گروپ جو حصو هوندا.

مزید خبریں