اسلام آباد -30 مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ 7 ڏينهن واري قومي پوليو جي خاتمي واري مهم 13 اپريل کان شروع ٿيندي، جيڪا 19 اپريل تائين جاري رهندي. نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) مطابق مهم دوران 4 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. مهم دوران ٻارن کي پوليو ويڪسين سان گڏوگڏ وٽامن اي جي اضافي …
سڄي ملڪ ۾ 7 ڏينهن واري قومي پوليو جي خاتمي واري مهم 13 اپريل کان شروع ٿيندي: اين اي او سي

مزید خبریں
اسلام آباد -30 مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ 7 ڏينهن واري قومي پوليو جي خاتمي واري مهم 13 اپريل کان شروع ٿيندي، جيڪا 19 اپريل تائين جاري رهندي. نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) مطابق مهم دوران 4 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. مهم دوران ٻارن کي پوليو ويڪسين سان گڏوگڏ وٽامن اي جي اضافي خوراڪ به فراهم ڪئي ويندي. ان مهم جي ڪاميابي لاءِ سڄي ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 4 لک 13 هزار پوليو ورڪرز پنهنجون خدمتون انجام ڏيندا. انگن اکرن مطابق پنجاب ۾ 2 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 6 لک کان وڌيڪ، خيبر پختونخوا ۾ 72 لک کان وڌيڪ، بلوچستان ۾ 26 لک کان وڌيڪ، اسلام آباد ۾ 4 لک 60 هزار کان وڌيڪ، گلگت بلتستان ۾ 2 لک 28 هزار کان وڌيڪ جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 7 لک 60 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. اين اي او سي، ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته ٻارن کي پوليو جهڙي موذي مرض کان محفوظ رکڻ اسان سڀني جي گڏيل قومي ذميواري آهي. قومي ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي اختيارين، والدين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پوليو ورڪرز سان ڀرپور تعاون ڪن ۽ پنهنجي 5 سال کان ننڍي عمر وارن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا ضرور پيارين.











