وزيراعظم پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن کان متاثر ڪمزور ۽ وچولي طبقي جي لاءِ وڌيڪ ريليف فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نار جي صورتحال جي ڪري پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن کان متاثر ڪمزور ۽ وچولي طبقي جي لاءِ وڌيڪ ريليف فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته عام ماڻهو کي بچائڻ جي لاءِ  حڪومت ڪيترائي ڀيرا اهو بار پاڻ برداشت ڪيو ۽ حڪومتي خرچن تي ڪَٽ لڳايو، ڊيجيٽل نظام کي استعمال ۾ آڻيندي عوامي ريليف جا …

اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نار جي صورتحال جي ڪري پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن کان متاثر ڪمزور ۽ وچولي طبقي جي لاءِ وڌيڪ ريليف فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته عام ماڻهو کي بچائڻ جي لاءِ  حڪومت ڪيترائي ڀيرا اهو بار پاڻ برداشت ڪيو ۽ حڪومتي خرچن تي ڪَٽ لڳايو، ڊيجيٽل نظام کي استعمال ۾ آڻيندي عوامي ريليف جا قدم عام ماڻهو تائين پهچائينداسين، ڪمزور طبقي کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي صدارت ۾ نار بحران جي پيٽروليم مصنوعات تي اثر، پاڪستان ۾ موجوده ذخيرن ۽ عوامي ريليف جي قدمن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪمزور ۽ وچولي طبقي جي عوام کي وڌيڪ ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته صوبائي حڪومتن کي چيو ويو آهي ته اهي موٽرسائيڪل ۽ رڪشا مالڪن جي رجسٽريشن انهن جي نالي تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻن، ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان ٺوس رابطو ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت به صورتحال کي نظر ۾ رکندي سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي، ترقياتي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪئي ۽ 60 سيڪڙو سرڪاري گاڏين کي فوري طور تي بند ڪيو، قرباني جو سلسلو حڪومتي خطرچن ۾ ڪٽوتي سان شروع ڪيو، تيل جي قيمتن ۾ اضافي جي تجويزن کي ڪيترائي ڀيرا رد ڪري بچت جي قدمن سان حاصل ڪيل رقم عوامي ريليف جي لاءِ استعمال ۾ آندي وئي. هن چيو ته ڊيجيٽل نظام کي استعمال ۾ آڻيندي عوامي ريليف جا قدم عام ماڻهو تائين پهچائينداسين. عالمي سطح تي بحران جي باوجود وقت سر فيصلن جي ڪري الله جي فضل ۽ ڪرم سان ٻارڻ جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل اچڻ نه ڏنو ويو. وزيراعظم ٻڌايو ته پاڪستان خطي ۾ امن جي حوالي سان سفارتي محاذ تي ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ ٻارڻ جي بچت جي لاءِ حڪومتي قدمن تي عملدرآمد، اڳتي جي حڪمت عملي تي تجويزن ۽ موجوده ذخيري تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ وزيراعظم جي ٻارڻ جي بچت جي قدمن تي عملدرآمد ۽ سادي مهم تي اڳڀرائي تي انٽيليجنس بيورو جي آڊٽ رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي بچت ۽ سادگي مهم تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو پيو وڃي، مليڪ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ٻارڻ جا مناسب ذخيرا موجود آهن ۽ اڳتي جي لاءِ به انتظام ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اشرافيه جي وڏي گاڏين ۾ استعمال ٿيندڙ هاءِ آڪٽين ٻارڻ تي ليوي ۾ اضافي سان جيٽ فيول جي قيمتن ۾ ڪنهن به قسم جي ڦيرڦار ناهي ٿي. وزيراعظم جي هدايت تي بچت مهم تحت اعلان ڪيل قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو پيو وڃي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ دوائن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. اجلاس کي اڳتي جي حڪمت عملي جي حوالي سان تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، احسن اقبال، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، احد خان چيما، سيد مصطفيٰ ڪمال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، علي پرويز ملڪ، شزه فاطمه خواجه، راڻا مبشر اقبال، سردار اويس خان لغاري، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاونين طارق فاطمي، طلحيٰ برڪي، قومي اسيمبلي ميمبر انجنيئر قمر الاسلام، رياض الحق، حافظ محمد نعمان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں