نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي 31 مارچ 2026ع تي چين جو دورو ڪندو

اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي 31 مارچ 2026ع تي چين جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هر موسم جي مضبوط اسٽريٽجڪ حصيداري قائم آهي جيڪا علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهي تعاون ۽ باقاعده مشاورت سان نمايان آهي. ان ڏس …

اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي 31 مارچ 2026ع تي چين جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هر موسم جي مضبوط اسٽريٽجڪ حصيداري قائم آهي جيڪا علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهي تعاون ۽ باقاعده مشاورت سان نمايان آهي. ان ڏس ۾ هي دورو ٻنهي ملڪن کي علائقائي صورتحال سان گڏوگڏ ٻطرفي ۽ عالمي سطح جي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو فراهم ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جو هي دورو گذريل ڏينهن ڪلهي ۾ معمولي فريڪچر جي ڪري ڊاڪٽرن پاران آرام جي مشوري جي باوجود ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته پاڪستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي ڪيتري قدر اهميت ڏي ٿو.

مزید خبریں