اسلام آباد اسلام آباد - 28 مارچ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ”ارٿ آور“ صرف روشنيون بند ڪرڻ نه پر پائيدار مستقبل طرفان اجتماعي ذميواري جي عزم جو ورجاءُ آهي، توانائي ۽ آبي وسيلن جو تحفظ هر محب وطن شهري جو فرض آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ارٿ آور جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته …
توانائي ۽ آبي وسيلن جو تحفظ هر محب وطن شهري جو فرض آهي: وفاقي وزير عبدالعليم خان

مزید خبریں
اسلام آباد اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ”ارٿ آور“ صرف روشنيون بند ڪرڻ نه پر پائيدار مستقبل طرفان اجتماعي ذميواري جي عزم جو ورجاءُ آهي، توانائي ۽ آبي وسيلن جو تحفظ هر محب وطن شهري جو فرض آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ارٿ آور جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي ماحولياتي تبديلين جي شديد اثرن هيٺ آهي، اسان کي تباهه ڪندڙ ٻوڏن ۽ بدلجندڙ موسمن جا اثر درپيش آهن. هن چيو ته ماحول دوست گرين انفراسٽرڪچر جي تعمير وقت جي ضرورت آهي، اسان سڀني کي گڏجي پائيدار مستقبل طرف پنهنجي ذميواري نڀائڻي پوندي. هن چيو ته انفراسٽرڪچر کي جديد ۽ ماحول دوست بڻائي فُٽ پرنٽ گهٽ ڪنداسين ۽ توانائي جا اثرائتا ذريعا اسان جي ايندڙ نسلن جي ضرورت آهن.











