اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سيد نويد قمر کي پارليامينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن جو مسلسل ٻيون ڀيرو بنا مقابلي صدر چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون آهن. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس تي هڪ پيغام ۾ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته اهو سڄي ملڪ لاءِ اعزاز آهي. سيد نويد قمر جو ٻيهر ان اهم عالمي پارلياماني فورم جو صدر …
پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير پاران سيد نويد قمر کي پارليامينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن جو صدر چونڊجڻ تي واڌايون

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سيد نويد قمر کي پارليامينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن جو مسلسل ٻيون ڀيرو بنا مقابلي صدر چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون آهن. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس تي هڪ پيغام ۾ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته اهو سڄي ملڪ لاءِ اعزاز آهي. سيد نويد قمر جو ٻيهر ان اهم عالمي پارلياماني فورم جو صدر چونڊجڻ سندس بصيرت، تجربي ۽ اڳواڻي تي عالمي اعتماد جو واضح ثبوت آهي. هن نه صرف انساني حقن، جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو بلڪه ملڪ جو تشخص به عالمي سطح تي اجاگر ڪيو. هن چيو ته اها ڪاميابي ان ڳالهه جي علامت آهي ته پاڪستان جي پارلياماني قيادت عالمي سطح تي موثر، باوقار ۽ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اميد آهي ته نويد قمر پنهنجي اڳواڻي ۾ عالمي پارلياماني سهڪار کي سگهارو ڪندو ۽ عالمي سطح تي اهم پيش رفت جو سبب بڻجندو.











