نائب وزيراعظم جي اولهه ايشيا جي صورتحال تي چين جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته هن اڄ اولهه ايشيا جي صورتحال تي چين جي پرڏيهي وزير ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي مرڪزي ڪميٽي جي پوليٽيڪل بيورو جي ميمبر وانگ يي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ خطي جي بدلجندڙ صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ نائب وزيراعظم …

اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته هن اڄ اولهه ايشيا جي صورتحال تي چين جي پرڏيهي وزير ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي مرڪزي ڪميٽي جي پوليٽيڪل بيورو جي ميمبر وانگ يي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ خطي جي بدلجندڙ صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ نائب وزيراعظم چيو ته اسان وچ اوڀر ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن چيو ته ڳالهين دوران ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ته جنگ بندي، امن ڳالهين جي بحالي، شهرين جي تحفظ، سامونڊي گذرگاهن جي سلامتي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مڪمل پاسداري لاءِ سمورين ڪوششن جي حمايت ڪئي ويندي، چيني پرڏيهي وزير ان سلسلي ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي. نائب وزيراعظم چيو ته اسان ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ته سمورن تڪرارن جو حل ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي ڳولڻ جون ڪوششون جاري رکيون وينديون.

مزید خبریں