اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ چين جي سفارتخاني جو دورو ڪيو، جتي سندس آجيان چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ڪئي. ملاقات دوران دهشتگردي جي روڪٿام، سيڪيورٽي تعاون، پوليس ايڪسچينج پروگرام ۽ خطي جي گڏيل صورتحال سميت ٻين گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير جي چين جي سفارتخاني آمد، گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ چين جي سفارتخاني جو دورو ڪيو، جتي سندس آجيان چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ڪئي. ملاقات دوران دهشتگردي جي روڪٿام، سيڪيورٽي تعاون، پوليس ايڪسچينج پروگرام ۽ خطي جي گڏيل صورتحال سميت ٻين گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران پاڪستان ۾ ترسيل چيني سيڙپڪارن کي درپيش سيڪيورٽي مسئلن جي حل ۽ انهن جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ خاص ”بزنس ڪانفرنس“ منعقد ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. گهرو وزير ان موقعي تي پرڏيهي شهرين خاص ڪري چيني شهرين جي تحفظ لاءِ ”اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ“ جي قيام جو پڻ اعلان ڪيو. هن ٻڌايو ته اهو يونٽ اسلام آباد ۾ موجود چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائيندو. گهرو وزير چيو ته ان يونٽ جي اهلڪارن جي پيشيوراڻي سکيا تي خاص ڌيان ڏنو ويندو ۽ کين ٽريننگ دوران چيني ٻولي جي سکيا پڻ ڏني ويندي ته جيئن چيني شهرين ۽ سيڪيورٽي ادارن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ بهتر ۽ اثرائتو بڻائي سگهجي.











