گڏيل قومون - 19 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آھي ته غزه ۾ انساني ضرورتن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رھيو آھي پر امداد جي پھچ محدود ھجڻ سبب لکين فلسطيني خاندان سخت مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا آھن. اھا ڳالھه گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت اداري (يو اين آر ڊبليو اي) جي سربراھه فلپ لازيني ھڪ بيان ۾ چئي. ھن چيو ته وڌيڪ ماڻھو ھن وقت …
غزه ۾ وڌندڙ انساني ضرورتن ۽ امداد تائين پھچ محدود ھجڻ سبب لکين فلسطيني مشڪلاتن جو شڪار آھن: گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون – 19 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آھي ته غزه ۾ انساني ضرورتن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رھيو آھي پر امداد جي پھچ محدود ھجڻ سبب لکين فلسطيني خاندان سخت مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا آھن. اھا ڳالھه گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت اداري (يو اين آر ڊبليو اي) جي سربراھه فلپ لازيني ھڪ بيان ۾ چئي. ھن چيو ته وڌيڪ ماڻھو ھن وقت به ڳتيل پناھ گاھن ۽ متاثر ھنڌن ۾ ترسيل آھن ۽ ضروري امدادي سامان تائين سندن پھچ محدود آھي. فلپ لازيني چيو ته ھنگامي شيون جيئن خيما، بستر ۽ ٻيون بنيادي ضرورتون تيزي سان ختم ٿي رھيون آھن ۽ ڪجھه امدادي ڪارڪن مقامي مارڪيٽ مان ڪپڙا، بسترا ۽ کاڌو پچائڻ جون بنيادي شيون خريدڻ تي مجبور آھن. ھن چيو ته گڏيل قومن محدود موجود وسيلن ۽ وڌندڙ پابندين باوجود امدادي سرگرميون جاري رکيون آھن، گذريل ڏينھن 400،000 ليٽر ٻارڻ جمع ڪيو ويو، ان کان علاوه پاڻي، صفائي ۽ صحت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ٽيمن ڪريم شيلوم ڪراسنگ کان 7 ٽرڪن مان امدادي سامان به حاصل ڪيو. اھا ڪراسنگ ھاڻي به واحد فعال رستو آھي، جنھن ذريعي انساني ۽ واپاري سامان غزه ۾ داخل ٿي سگھي ٿو، اھا صورتحال پائيدار ناھي ڇو ته انساني ۽ واپاري ٻنھي شعبن کي اتي رڪاوٽ درپيش آھي. گڏيل قومن جي نائب ترجمان فرحان حق چيو ته اسرائيل تازي وقت ۾ رفح ڪراسنگ کولڻ جو اعلان ڪيو پر ھن وقت تائين ان تي عمل ناھي ڪيو ويو، گڏيل قومن مريضن کي ٻيھر نڪرڻ ۽ غزه واپس اچڻ وارن ماڻھن جي مدد لاءِ تيار آھي.











