ازبڪ ميڊيا جو 10 رڪني وفد 7 ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، ميڊيا تعاون ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ 10 رڪني ازبڪ ميڊيا وفد 7 ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو، جنهن ۾ مشهور ٽيليويزن شخصيت، ڊجيٽل ڪانٽينٽ ڪري اايٽرز، يوٽيوبرز، انفلوئنسرز ۽ سوشل ميڊيا شخصيتون شامل آهن. اڱاري ڏينهن جاري پريس رليز موجب وفد پاڪستان حڪومت جي دعوت تي دورو ڪري رهيو آهي جنهن …

اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، ميڊيا تعاون ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ 10 رڪني ازبڪ ميڊيا وفد 7 ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو، جنهن ۾ مشهور ٽيليويزن شخصيت، ڊجيٽل ڪانٽينٽ ڪري اايٽرز، يوٽيوبرز، انفلوئنسرز ۽ سوشل ميڊيا شخصيتون شامل آهن. اڱاري ڏينهن جاري پريس رليز موجب وفد پاڪستان حڪومت جي دعوت تي دورو ڪري رهيو آهي جنهن دوران هو سرڪاري ۽ نجي شعبي جي مختلف ادارن جي نمائندن سان ملاقاتون ۽ پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ ٿيل اڳڀرائي ۽ ڪاميابين جو مشاهدو ڪندو. دوري جو اهم مقصد ازبڪ ميڊيا نمائندن کي پاڪستان جي بدلجندڙ ميڊيا منظرنامي سان سڌي ريت آگاهي فراهم ڪرڻ آهي، خاص ڪري ٽيليويزن، ڊجيٽل ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي عوامي راءِ جي جوڙجڪ، پاڪستان جي هاڪاري سڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ، سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ ڪردار بابت معلومات فراهم ڪرڻ آهي. ازبڪ وفد ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ ميڊيا تعاون، مواد جي مٽاسٽا ۽ تجربن مان فائدي جي امڪانن جو به جائزو وٺندو. دوري جي نتيجي ۾ ازبڪ ميڊيا شخصيتن کي پاڪستان کي وڌيڪ ويجهي کان سمجهڻ ۽ پنهنجي مشاهدن ۽ تجربن کي ازبڪستان جي ناظرين ۽ عوام تائين ٽيلي ويزن، ڊجيٽل پليٽ فارمز ۽ سوشل ميڊيا ذريعي پهچائڻ جو موقعو ملندو. وفد اسلام آباد جي اهم ۽ مشهور عمارتن ۽ ماڳن کانسواءِ مري، ٽيڪسلا ۽ لاهور جي اهم ثقافتي، تاريخي ۽ سياحتي ماڳن جو دورو به ڪندو. ازبڪ ميڊيا وفد کي پاڪستان جي مالا مال ثقافتي ۽ تاريخي ورثي کان آگاهي حاصل ٿيندي جنهن ۾ ٽيڪسلا جي قديم تهذيب ۽ لاهور جو تاريخي ۽ تعميراتي ورثو خصوصي اهميت رکندڙ آهي. وفد فيصل مسجد جو به دورو ڪندو جيڪا پاڪستان جي نمايان جديد تعميراتي شاهڪارن ۾ شمار ٿئي ٿي. وفد کي فيصل مسجد جي منفرد طرز تعمير ۽ جديد فن تعمير سان پاڪستان جي صدين پراڻي ثقافتي ۽ تعميراتي روايتن جي ميلاپ جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو ملندو. ازبڪ ميڊيا وفد جو پاڪستان جو دورو ۽ ازبڪستان جي عوام وچ ۾ گڏيل تفهيم کي هٿي ڏيڻ ۽ ميڊيا رابطن، ثقافتي مٽاسٽا، سياحت ۽ عوامي رابطن ذريعي ٻنهي ڀائر ملڪن جي پراڻن دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڪوششن جو حصو آهي، ان سان ازبڪستان جي عوام ۾ پاڪستان جي رنگارنگ ثقافتي ورثي، سياحتي صلاحيت، معاشي ترقي ۽ موجوده دور جي ڪاميابين کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي ميڊيا برادري ۾ تعاون جا نوان موقعا به پيدا ٿيندا.

مزید خبریں