پاڪستان ۾ گذريل چار پنج ڀيرا تباهي آڻيندڙ ٻوڏن دوران اٽڪل 7 هزار ماڻهو فوت، 17 هزار زخمي يا مستقل معذور، 4 ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن: مصدق ملڪ

اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي، ته پاڪستان ۾ گذريل چار پنج ڀيرا تباهي آڻيندڙ ٻوڏن دوران اٽڪل 7 هزار ماڻهو فوت، 17 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي يا مستقل معذور جڏهن ته 4 ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. انهن خيالن جوا ظهار هن اڱاري تي پاڪستان ۾ هجرت ۽ مائيگريشن گورننس جي …

اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي، ته پاڪستان ۾ گذريل چار پنج ڀيرا تباهي آڻيندڙ ٻوڏن دوران اٽڪل 7 هزار ماڻهو فوت، 17 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي يا مستقل معذور جڏهن ته 4 ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. انهن خيالن جوا ظهار هن اڱاري تي پاڪستان ۾ هجرت ۽ مائيگريشن گورننس جي بهتري ۾ پارليامينٽ جي ڪردار جي موضوع تي پينل ڊسڪشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اهو رڳو 100، هڪ هزار يا 10 لک ماڻهن جي لڏپلاڻ نه پر 4 ڪروڙ ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ جو معاملو آهي. جيڪو يورپ جي اڪثر ملڪن جي آبادي کان وڌيڪ تعداد آهي. موسمياتي تباهين جا انساني اثر بيان ڪندي هن ڪراچي ۾ حضرت عبدالله شاه غازي جي مزار جي چوڌاري رهندڙ ٻهراڙي سنڌ مان لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جو ذڪر ڪيو ۽ هڪ ٻار سان ملاقات جو پڻ حوالو ڏنو. هن چيو ته جڏهن ان ٻارڙي کي ٻڌايم ته مان سياست ڪندو آهيان ته هن پڇيو ته سياست ڇا هوندي آهي؟ جنهن تي مان هن کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشس ڪئي ته سياست مستقبل هوندي آهي، ٻار پاران مستقبل جي باري ۾ پڇڻ تي مون هن کي چيو ته مستقبل تون آهين، جنهن تي کيس احساس ٿيو ته ٻهراڙي سڌ مان ڪيترائي ميل سفر طئي ڪري لڏپلاڻ ڪندڙ ٻار مزار جي هيٺان ويٺل آهي. مصدق ملڪ سنڌ جي هڪ خاندان جو قصو بيان ڪندي چيو ته هڪ ٻوڏ کان پوءِ خاندان پنهنجو علائقو ڇڏي هليو ويو، پاڻي لهي وڃڻ کان پوءِ هو واپس آيا ۽ ٻني ٻارو شروع ڪيو، جڏهن ته ٻي ٻوڏ کان پوءِ وري ڪراچي يا ڪنهن ٻي هنڌ منتقل ٿي ويا. هن چيو ته ڪيترن ئي نسلن کان هڪ ئي علائقي ۾ رهندڙ اهي ماڻهو ٽيون ڀيرو آيل وڏي ٻوڏ کان پوءِ هاڻي ڪراچي ۾ مزدوري ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجا اباڻا علائقا، ٻنيون، روايتون ۽ مٽ مائٽ ڇڏي آيا آهن. هن چيو ته اهڙا بيشمار قصا آهن جن ۾ لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن وٽ پنهنجون پنهنجون دردناڪ ڪهاڻيون موجود آهن. هن سوال اٿاريو ته جنگ وڏي آفت آهي يا اها لڏپلاڻ، مائيگريشن ۽ تباهي. ۽ چيو ته ان معاملي کي موسمياتي تبديلي سان گڏوگڏ سيڪيورٽي سميت مختلف رخن سان ڏسي سگهجي ٿو. مصدق ملڪ چيو ته جڏهن متاثر نوجوانن، انهن جي والدين ۽ بزرگن جون داستانون، لڙهي ويل اسڪولن، مسجدن، گرجا گهرن ۽ هزارين سالن جي تهذيب جي متاثر ٿيل ماڻهن جي ڪهاڻي طور ڏٺو وڃي ته موسمياتي تباهڪارين ۽ لڏپلاڻ جي انساني اثرن جي حقيقي شدت جو اندازو ٿئي ٿو.

مزید خبریں