ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. انگن اکرن مطابق 8 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 67684 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو گهٽ آهي، گذريل هفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 68797 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي هئي. ساڳئي طرح 8 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ گئس جي روزانو پيداوار 3008 ايم ايم سي ايف …

اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. انگن اکرن مطابق 8 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 67684 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو گهٽ آهي، گذريل هفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 68797 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي هئي. ساڳئي طرح 8 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ گئس جي روزانو پيداوار 3008 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 3 سيڪڙو گهٽ آهي، گذريل هفتي ۾ ملڪ ۾ گئس جي روزانو پيداوار 3088 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي هئي. انگن اکرن مطابق 8 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ او جي ڊي سي ايل جي ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 33657 بيرل ۽ گئس جي روزانو پيداوار 636 ايم ايم سي ايف ڊي، پي پي ايل جي ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 12396 بيرل ۽ گئس 597 ايم ايم سي ايف ڊي، پي او ايل جي ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 4079 بيرل ۽ گئس 49 ايم ايم سي ايف ڊي، جڏهن ته ماڙي پيٽروليم جي ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 1076 بيرل ۽ گئس جي روزانو پيداوار 867 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي.

مزید خبریں