اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي، ته حڪومت واپاري برادري جي مشاورت سان آسان ٽيڪس اسڪيم متعارف ڪرائي آهي جنهن جو مقصد ٽيڪس جو بار کڻندڙ ماڻهن جي انگ ۾ اضافو، ٽيڪس جي بنياد ۾ وسعت ۽ ٽيڪس وصولين ۾ اضافو ڪرڻ آهي، واپارين ۽ دڪاندارن جي جائز مسئلن ۽ خدشن يک به حل ڪيو پيو وڃي. اڱاري …
آسان ٽيڪس اسڪيم جو مقصد ٽيڪس ڏيندڙن جي انگ ۾ اضافو، ٽيڪس بنياد کي سگهه ڏيڻ ۽ ٽيڪس وصولين ۾ اضافو ڪرڻ آهي: بلال اظهر ڪياني

مزید خبریں
اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي، ته حڪومت واپاري برادري جي مشاورت سان آسان ٽيڪس اسڪيم متعارف ڪرائي آهي جنهن جو مقصد ٽيڪس جو بار کڻندڙ ماڻهن جي انگ ۾ اضافو، ٽيڪس جي بنياد ۾ وسعت ۽ ٽيڪس وصولين ۾ اضافو ڪرڻ آهي، واپارين ۽ دڪاندارن جي جائز مسئلن ۽ خدشن يک به حل ڪيو پيو وڃي. اڱاري ڏينهن جي نائن فور ۾ ننڍن دڪاندارن لاءِ آسان ٽيڪس اسڪيم تحت گرين پليٽس لڳائڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آسان ٽيڪس اسڪيم حڪومت ۽ واپاري نمائندن جي مشاورت سان تيار ڪئي وئي آهي جنهن جو مقصد اهڙو عملي نظام واضع ڪرڻ آهي جنهن سان رياست کي ٽيڪس جي بنياد ۾ وسعت ۽ وصولين جي صورت ۾ فائدو ٿئي جڏهن ته دڪاندارن کي به سهولت ۽ انهن جي جائز مسئلن جو حل فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته اڄ شروعاتي طور تي 50 گرين پليٽس جاري ڪيون ويون آهن، اهي پليٽس ڪنهن هڪ وڏي شهر يا صوبي تائين محدود ناهن پر ملڪ جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ دڪاندارن کي فراهم ڪيون ويون آهن. ڪراچي، لاهور، پشاور، مردان، دادو، پاڪپتن، بهاولپور ۽ سکر سميت مختلف شهرن جي ننڍن دڪاندارن ان اسڪيم ۾ حصو ورتو آهي. مملڪتي وزير چيو ته حڪومت جو شروعات کان ئي اهو مقصد هو ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ننڍا دڪاندار ان اسڪيم ۾ شامل ٿين ۽ شروعاتي مرحلي ۾ ئي ان مقصد ڏانهن اڳڀرائي ٿي آهي. هن وقت تائين اٽڪل پنج هزار دڪاندار ايپ ذريعي رجسٽر ٿي چڪا آهن جڏهن ته رجسٽريشن ۽ فائلنگ جو مقرر وقت اڃا به باقي آهي. هن چيو ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ گرين پليٽس جي فراهمي جي عملي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ۽ کيس يقين آهي ته ان اڳڀرائي سان وڌيڪ واپاري ۽ دڪاندار ان اسڪيم ۾ شامل ٿيندا جنهن سان نه رڳو ٽيڪس بيس ۾ اضافو ٿيندو پر ٽيڪس وصولين ۾ به بهتري ايندي. هن چيو ته ايف بي آر جي سمورن آر ٽي اوز جي آفيسرن سان اجلاس به منعقد ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ اسڪيم جو وڌيڪ جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ ان جي دائره ڪار کي وسيع ڪرڻ ۽ رجسٽريشن جي عمل کي تيز ڪرڻ جي قدمن تي غور ڪيو ويندو. هن واپاري برادري جي نمائندن جو ٿورو مڃيندي چيو ته انهن خلوص، نيڪ نيتي ۽ عزم سان حڪومت جي رهنمائي ڪئي ۽ عملي ڏکيائين جي نشاندهي ڪندي اهڙي اسڪيم جي جوڙجڪ ۾ مدد ڏني جيڪا زميني حقيقتن مطابق آهي. واپاري نمائندن اسڪيم جي تياري ۾ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪيو، ۽ ان اعلان جي آجيان ڪئي ۽ هاڻي به پنهنجي ساٿين کي ان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ راضي ڪري رهيا آهن، حڪومت ۽ واپاري برادري وچ ۾ ان تعاون ۽ ٽيم ورڪ جي نتيجي ۾ ماضي ۾ درپيش ڏکيائين تي ضابطو آڻڻ ۽ اسڪيم کي عملي طور ڪامياب بڻائڻ ۾ مدد ملندي.










