اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان جرمني جي مذهبي آزادي واري ڪمشنر ٿامس ريچل ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ جرمني جي سفير اينا ليپل به ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ جرمن لاڳاپن، مذهبي آزادي، بين المذاهب هم آهنگي، مذهبي رواداري ۽ اقليتن جي حقن کي هٿي ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي …
مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سان جرمني جي مذهبي آزادي واري ڪمشنر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان جرمني جي مذهبي آزادي واري ڪمشنر ٿامس ريچل ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ جرمني جي سفير اينا ليپل به ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ جرمن لاڳاپن، مذهبي آزادي، بين المذاهب هم آهنگي، مذهبي رواداري ۽ اقليتن جي حقن کي هٿي ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان بين المذاهب هم آهنگي، مذهبي رواداري ۽ سمورن مذهبن جي پوئلڳن جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن مذهبن جي ماڻهن ۽ اقليتن جا حق آئين تحت محفوظ آهن ۽ حڪومت انهن جي مذهبي، سماجي ۽ معاشرتي حقن جي تحفظ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي نفرت انگيز ۽ مذهب مخالف مواد جي روڪٿام لاءِ مذهبي معاملن واري وزارت ۾ خاص سيل قائم ڪيو ويو آهي جيڪو مذهبي فرق جي تدارڪ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي جمرني ڪمشنر ٿامس ريچل مذهبي معاملن واري وزارت جي قدمن جي تعريف ڪندي چيو ته وزارت جو نالو ۽ ڪم ٻئي منفرد ۽ تحسين لائق آهن. هن چيو ته عالمي امن کي هٿي وٺائڻ لاءِ مذهبن وچ ۾ گڏيل احترام، برداشت ۽ مسلسل ڳالهيون ضروري آهن. ٿامس ريچل مذهبي آزادي، بين المذاهب هم آهنگي ۽ رواداري کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي ساراهه ڪندي چيو ته مختلف مذهبن جي پوئلڳن وچ ۾ گڏيل احترام ۽ افهام و تفهيم کي هٿ ڏيئي عالمي سطح تي امن ۽ هم آهنگي جو مقصد حاصل ڪري سگهجي ٿو. ملاقات دوران مذهبي آزادي، رواداري، بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل احترام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته مذهبن وچ ۾ ڳالهين ۽ گڏيل احترام کي هٿي ڏئي معاشري ۾ امن، برداشت ۽ هم آهنگي کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو.











