لاڙڪاڻو ۽ ڪشمور ۾ پُوليس جُون ڪارروايون، 7 ڄڻا گرفتار، هٿيار ۽ منشيات هٿ

لاڙڪاڻو - 23 فيبروري(اي پي پي) ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ حسن سردار احمد خان نيازِي  جي هدايتن تحت ضلعي پوليس ڏوھن  ۾ ملوث ۽ روپوش ملزمن خلاف  ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن. قتل ۽ ٻين سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ ملوث 6  ملزمن کي گرفتار ڪري ھٿيار ھٿ ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا. ايس ايڇ او اي سيڪشن ٿاڻي شهدادڪوٽ جي انسپيڪٽر نعيم اختر ابڙو گشت ۽ ڳجھي اطلاع تي بگو روڊ وٽ ڪارروائي ڪندي ڪيسن ۾ گھربل ٻن  ملزمن  ديدار …

لاڙڪاڻو – 23 فيبروري(اي پي پي) ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ حسن سردار احمد خان نيازِي  جي هدايتن تحت ضلعي پوليس ڏوھن  ۾ ملوث ۽ روپوش ملزمن خلاف  ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن. قتل ۽ ٻين سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ ملوث 6  ملزمن کي گرفتار ڪري ھٿيار ھٿ ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا. ايس ايڇ او اي سيڪشن ٿاڻي شهدادڪوٽ جي انسپيڪٽر نعيم اختر ابڙو گشت ۽ ڳجھي اطلاع تي بگو روڊ وٽ ڪارروائي ڪندي ڪيسن ۾ گھربل ٻن  ملزمن  ديدار کُوکر ۽ علي اڪبر کُوکر کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ٻه عدد پسٽل ۽  گوليون ھٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آھي.ٻي ڪارروائي ۾ به ايس ايڇ او اي سيڪشن ٿاڻو شهدادڪوٽ پنھنجي عملي سان گڏ گشت دوران ٽانوري شاخ پل وٽ ڪارروائي ڪندي ملزم اعظم جان بليدي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان بغير لائسنس جي پسٽل ۽ گوليون ھٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ٽين  ڪارروائي ۾ به ايس ايڇ او اي سيڪشن ٿاڻو شهدادڪوٽ پنھنجي عملي سان گڏ معمول جي گشت دوران عيد گاه شهدادڪوٽ وٽان ڪارروائي ڪندي بي سيڪشن ٿاڻي شهدادڪوٽ جي قتل ڪيس ۾ روپوش ملزم الطاف مڱڻھار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. چوٿين ڪارروائي ۾ به ساڳئي ٿاڻي جي پوليس گشت دوران  ٿاڻي بي سيڪشن شهدادڪوٽ جي ڪيس ۾ گھربل ملزم عمران مڱڻھار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پنجين ڪارروائي ۾ ايس ايڇ او  قمبر ٿاڻو سٽي انسپيڪٽر انور علي ابڙو پنھنجي عملي سان گڏ گشت ۽ ڳجھي اطلاع تي قمبر شهدادڪوٽ روڊ وٽ ڪارروائي ڪندي  قمبر سٽي ٿاڻو جي ڪيس ۾ گھربل ملزم عمران بليدي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان بغير لائسنس جو پسٽل ۽ گوليون ھٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو  آهي . جڏهن ته گرفتار ملزمن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو جي سربراهي ۾ انچارج پاسبان سڪندر پنھور بخشاپور ٿاڻي جي حدن ۾ ڳجھي اطلاع تي فوري ۽ مؤثر ڪارروائي ڪندي دڪان اندر موجود پيٽي جي تلاشي ورتي جنھن مان 70 عدد شراب جون بوتلون ھٿ ڪيون ويون. پوليس  بروقت ڪارروائي ڪندي ملزم آڪاش ڪمار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو  ايس ايس پي ڪشمور ۽ انچارج پاسبان سڪندر پنھور لاءِ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن.