حيدرآباد-22 فيبروري (اي پي پي) سنڌ ايريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي جي چيئرمين قبول محمد کٽياڻ ڀارت جو سنڌ طاس معاهدي مان امڪاني طور نڪرڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور ختم نٿو ڪري سگهي. گذريل ڏينهن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل 6 ڏهاڪن کان اهو معاهدو ٻنهي ملڪن وچ ۾ پاڻي جي اثرائتي ورڇ واري …
ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور ختم نٿو ڪري سگهي: سيڊا چيئرمين

مزید خبریں
حيدرآباد-22 فيبروري (اي پي پي) سنڌ ايريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي جي چيئرمين قبول محمد کٽياڻ ڀارت جو سنڌ طاس معاهدي مان امڪاني طور نڪرڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور ختم نٿو ڪري سگهي. گذريل ڏينهن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل 6 ڏهاڪن کان اهو معاهدو ٻنهي ملڪن وچ ۾ پاڻي جي اثرائتي ورڇ واري انتظام لاءِ بنيادي فريم ورڪ فراهم ڪري رهيو آهي. هن خبردار ڪيو ته درياهن جي وهڪري ۾ رڪاوٽ يا ڪنهن قسم جي مداخلت، خاص طور تي گهٽ وهڪري وارن مهينن ۾ سنڌ ۾ ٻنين جي آبپاشي، پيئڻ جي پاني ۽ هائيڊرو پاور جي شعبي ۾ شديد کوٽ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. هن چيو ته پاڻي جي گهٽ يا دير سان فراهمي فصلن کي شديد متاثر ڪندي، ڪڻڪ، چانور، ڪپه ۽ ڪمند جي پيداوار گهٽ ڪندي. هن چيو ته ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ گهٽ پاني سامونڊي پاڻي جي جي داخل ٿيڻ واري عمل کي تيز ڪندو آهي ۽ ڊيلٽا کي نقصان پهچندو آهي، آبادگارن ۽ مهاڻن جا وسيلا متاثر ٿيندا آهن، جڏهن ته ٿر، سجاول، بدين ۽ ٻين ويجهن علائقن جي رهواسين جي روزگار ۽ پيئڻ جي پاڻي جا ذريعا خطري ۾ پئجي ويندا آهن. هن واضح ڪيو ته معاهدي تحت پاڪستان جي اولهه وارن درياهن، سنڌ، جهلم، چناب تي حقن کي ڀارت هڪ طرفي طور ختم نٿو ڪري سگهي. هن عالمي ڀائيوارن ۽ معاهدي جي ضامن کي اپيل ڪئي ته هو عالمي قانون جي پاسداري يقيني بڻائين ته جيئن خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکي.











