سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4000 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 4000 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 49 هزار 336 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 49 هزار 3 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3429 رپين جي گهٽتائي …

اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 4000 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 49 هزار 336 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 49 هزار 3 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3429 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 88 هزار 662 رپين مان گهٽجي 3 لک 85 هزار 233 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 56 هزار 286 رپين مان گهٽجي 3 لک 53 هزار 243 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن مطابق في تولو ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت بغير ڪنهن تبديلي جي ترتيبوار 6802 رپيا ۽ 5831 رپين تي برقرار رهي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4308 ڊالرز مان گهٽجي 4268 ڊالرز ٿي وئي آهي.

مزید خبریں