حيدرآباد-21 فيبروري(اي پي پي) راهوڪي ٿاڻي جي پوليس حيدرآباد کان ٽنڊو ڄام ويندڙ روڊ تي ون ويلنگ ڪندڙ 12 موٽر سائيڪل سوارن کي گرفتار ڪري موٽر سائيڪلون پنهنجي تحويل ۾ وٺي گرفتار ڪيل نوجوانن جي خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. حيدرآباد پوليس جي ترجمان موجب جتي به ون ويلنگ ڪئي ويندي اتي ڪارروائيون ڪيون وينديون. ايس ايس پي حيدرآباد شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پنهنجي ٻارن تي …
حيدرآباد: راهوڪي ٿاڻي جي پوليس حيدرآباد کان ٽنڊو ڄام ويندڙ روڊ تي ون ويلنگ ڪندڙ 12 موٽر سائيڪل سوارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
حيدرآباد-21 فيبروري(اي پي پي) راهوڪي ٿاڻي جي پوليس حيدرآباد کان ٽنڊو ڄام ويندڙ روڊ تي ون ويلنگ ڪندڙ 12 موٽر سائيڪل سوارن کي گرفتار ڪري موٽر سائيڪلون پنهنجي تحويل ۾ وٺي گرفتار ڪيل نوجوانن جي خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. حيدرآباد پوليس جي ترجمان موجب جتي به ون ويلنگ ڪئي ويندي اتي ڪارروائيون ڪيون وينديون. ايس ايس پي حيدرآباد شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پنهنجي ٻارن تي نظر رکن ۽ انهن کي ون ويلنگ جهڙي موتمار عمل ڪرڻ کان روڪين ڇاڪاڻ ته ون ويلنگ جي ڪري ڪيترائي نوجوان پنهنجيون حياتيون وڃائي چڪا آهن يا معذوري واري حالت ۾ مبتلا آهن.











