ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفو معطل ڪرڻ جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي: پاڻي معاملن جو ماهر ۽ دانشور نصير ميمڻ

حيدرآباد-11 جنوري (اي پي پي) پاڻي معاملن جي ماهر ۽ نامياري دانشور نصير ميمڻ چيو آهي ته ڀارت جو سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفو معطل ڪرڻ جي ڪا به قانوني حيثيت نه آهي، عالمي فورمن تي اها سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي، ان معاهدي کي هڪ طرفو روڪڻ يا معطل ڪرڻ جي ڪا شق ئي موجود نه آهي.”اي پي پي“ سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته …

حيدرآباد-11 جنوري (اي پي پي) پاڻي معاملن جي ماهر ۽ نامياري دانشور نصير ميمڻ چيو آهي ته ڀارت جو سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفو معطل ڪرڻ جي ڪا به قانوني حيثيت نه آهي، عالمي فورمن تي اها سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي، ان معاهدي کي هڪ طرفو روڪڻ يا معطل ڪرڻ جي ڪا شق ئي موجود نه آهي.”اي پي پي“ سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته ان معاهدي جي حوالي سان ڀارت جي وزير اعظم نريندر مودي جيڪو عمل ڪيو آهي اهو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي تنهن ڪري پاڪستان ان معاملي کي عالمي سطح تي به کڻي سگهي ٿو ۽ سارڪ سطح تي به کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته ڀارت اسان کي ٻيو ته ڪو وڏو نقصان نٿو ڏئي سگهي ڇو ته جيڪي 3 درياءَ آهن جنهن ۾ انڊس، جهلم ۽ چناب انهن مان ٻن دريائن جهلم ۽ انڊس تي ته ڪو به ڪنٽرول نه ڪري سگهندو ڇو ته انهن جا اتي برفاني علائقا ۽ آباديون آهن. هن چيو ته مثال طور جهلم تي باره مولا جو شهر واقع آهي جيڪڏهن اتي باره مولا ۾ پاڪستان جي وچ ۾ ڊيم ٺاهين ٿا ته باره مولا ٿو ٻڏي تنهن ڪري جهلم تي ته ڪجهه نه ڪري سگهندا ۽ انڊس تي به ڪجهه نه ڪري سگهندا ڇو ته 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ان جو پاڻي جنريٽ ئي پاڪستاني حدن ۾ ٿئي ٿو ۽ ان کان مٿي جيڪي علائقا آهن اتي ڪو به ڪينال يا ڊيم ٺاهڻ جي جگهه به موجود ڪونهي ۽ اتي ڪا آبادي به نه آهي . هن چيو ته ڏئي وٺي ڀارت پاڪستان جي چناب وارن وهڪرن کي متاثر ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته چناب تي ڀارت ننڍا ننڍا هائيڊل پاور پلانٽ ٺاهيا آهن انهن ذريعي ڀارت پاڻي کي ڪنهن حد تائين ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو پر مڪمل طور تي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهي جيئن گذريل سال ٻوڏ ۾ انهن کان پنهنجو ڪو به درياءُ ڪنٽرول نه پئي ٿي سگهيو جنهن ڪري اتي به تباهي ٿي ۽ هتي به تباهي ٿي سو حقيقي معنيٰ ۾ اهو ڪم ايڏو آسان نه آهي پر خاص طور تي ربيع جي سيزن ۾ چناب جي پاڻي کي اهي متاثر ڪرڻ چاهين يا وقتي طور تي روڪڻ چاهين ته ان سان اسان کي ربيع ۾ چئلينج اچي سگهي ٿو پر مجموعي طور تي پاڪستان ان معاملي کي هڪ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي طور عالمي فورمز ۽ ريجنل فورمز تي به کڻي سگهي ٿو.