پاڪستان سويٽ هومز جي سربراهه زمرد خان پاران سکر، روهڙي ۽ صالح پٽ جي يتيم ڇوڪرين لاءِ پنج سالن وارو اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪرڻ جو اعلان

سکر-09 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان سويٽ هومز جي سربراهه زمرد خان سکر، روهڙي ۽ صالح پٽ جي يتيم ڇوڪرين لاءِ پنج سالن واري اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪرن جو اعلان ڪيو آھي. اھو پروگرام پاڪستان سويٽ هوم ۽ آءِ بي اي پبلڪ اسڪول سکر جو گڏيل منصوبو آهي. هن اسڪالرشپ پروگرام تحت اٺين کان ٻارهين جماعت تائين ڇوڪرين کي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي. جاري ڪيل اطلاع مطابق درخواست جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ …

سکر-09 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان سويٽ هومز جي سربراهه زمرد خان سکر، روهڙي ۽ صالح پٽ جي يتيم ڇوڪرين لاءِ پنج سالن واري اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪرن جو اعلان ڪيو آھي. اھو پروگرام پاڪستان سويٽ هوم ۽ آءِ بي اي پبلڪ اسڪول سکر جو گڏيل منصوبو آهي. هن اسڪالرشپ پروگرام تحت اٺين کان ٻارهين جماعت تائين ڇوڪرين کي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي. جاري ڪيل اطلاع مطابق درخواست جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 28 فيبروري 2026ع آهي، جڏهن ته انٽري ٽيسٽ 1 مارچ 2026ع تي ٿيندي. خصوصي طور تي حافظ قرآن ۽ شهيدن جي ڌيئرن لاءِ ڪوٽا پڻ مختص ڪئي وئي آهي. وڌيڪ ڄاڻ ۽ رابطي لاءِ پاڪستان سويٽ هوم سان 0303-0705651 ۽ 071-5615866 تي رابطو ڪري معلومات حاصل ڪري سگھجي ٿي.