ڪراچي -05 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير جي بحالي واري کاتي بابت صلاحڪار گيانچند ايسراڻي چيو آهي ته 5 فيبروري ڪشميري عوام سان پاڪستان جي پختي ٻڌي (يڪجهتي) جو ڏينهن آهي. ڪشميري عوام ۽ ڪشمير جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي هن چيو ته ڪشميري عوام ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي بنيادي حقن ۽ حق خوداراديت لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي ۽ ڀارتي رياست جي ظلمن …
عالمي برادري ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ عملي ڪردار ادا ڪري: گيانچند ايسراڻي

مزید خبریں
ڪراچي -05 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير جي بحالي واري کاتي بابت صلاحڪار گيانچند ايسراڻي چيو آهي ته 5 فيبروري ڪشميري عوام سان پاڪستان جي پختي ٻڌي (يڪجهتي) جو ڏينهن آهي. ڪشميري عوام ۽ ڪشمير جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي هن چيو ته ڪشميري عوام ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي بنيادي حقن ۽ حق خوداراديت لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي ۽ ڀارتي رياست جي ظلمن باوجود سندن حوصلا ڪمزور ناهن ٿيا. آزادي جي جدوجهد جاري رهندي ۽ ڪشميرين جي آواز کي دٻائي نٿو سگهجي، انصاف جو ڏينهن ضرور ايندو. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ گيانچند ايسراڻي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون عالمي ضمير لاءِ فڪر جي ڳالهھ آهن ۽ ڀارتي رياستي ڏاڍ عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. هن زور ڀريو ته گڏيل قومن کي پنهنجي قراردادن تي عمل ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻو پوندو، جڏهن ته عالمي برادري کي ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشمير ۽ پاڪستان جو رشتو تاريخي، اخلاقي ۽ انساني بنيادن تي قائم آهي، جڏهن ته ڪشمير جي يڪجهتي جو ڏينهن ڪشميري عوام سان عزم جي تجديد ۽ سندن قربانين کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. ڪشميري عوام جي ثابت قدمي آزادي جي جدوجهد جي روشن علامت آهي ۽ پاڪستاني قوم هميشه پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل هئي، آهي ۽ رهندي. پاڪستان هر سطح تي ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، ڇاڪاڻ ته ڪشمير ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ هڪ اهم مسئلو آهي.










