ڪراچي -05 جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپور چيو آھي تھ 5 فيبروري جو ڏينھن ڪشميري عوام سان پاڪستان جي پختي عزم، اخلاقي وابستگي ۽ تاريخي رشتي جي علامت آھي، يوم يڪجھتي ڪشمير ان عھد کي ورجائڻ جو ڏينھن آھي تھ پاڪستان ڪشميري عوام کي سندن حق کان محروم ٿيڻ نھ ڏيندو. يوم يڪجھتي ڪشمير جي موقعي تي پنھنجي جاري ڪيل پيغام ۾ …
پاڪستان جو ھر فرد خاص طور تي عورتون ڪشميري عوام سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي بيٺل آھن: فريال ٽالپور

مزید خبریں
ڪراچي -05 جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپور چيو آھي تھ 5 فيبروري جو ڏينھن ڪشميري عوام سان پاڪستان جي پختي عزم، اخلاقي وابستگي ۽ تاريخي رشتي جي علامت آھي، يوم يڪجھتي ڪشمير ان عھد کي ورجائڻ جو ڏينھن آھي تھ پاڪستان ڪشميري عوام کي سندن حق کان محروم ٿيڻ نھ ڏيندو. يوم يڪجھتي ڪشمير جي موقعي تي پنھنجي جاري ڪيل پيغام ۾ فريال ٽالپور چيو تھ پاڪستان جو ھر فرد خاص طور تي عورتون ڪشميري عوام سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي بيٺل آھن ۽ رھنديون، ڪشميري عوام اڄ بھ ڀارتي رياستي ظلم، ڏاڍ ۽ دھشتگردي ۽ انساني حقن جي بدترين لتاڙ کي منھن ڏئي رھي آھي. ھن چيو تھ ڀارت جو ڏاڍ ۽ والاريل ڄمون ڪشمير جي معصوم شھرين، عورتن، ٻارڙن ۽ بزرگن تي جاري ظلم پوري دُنيا جي ضمير لاءِ سوال آھن، والاريل ڪشمير ۾ عدالت کان مٿانھان قتل، جبري گمشدگيون،گھرن کي ڊاھڻ، اظھار راءِ تي پابنديون ۽ عورتن جي تذليل عالمي قانونن، انساني قدرن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي کليل ڀڃڪڙي آھن. فريال ٽالپور چيو تھ علائقائي دھشتگرد ڀارت جي ظلمن تي عالمي برادري جي خاموشي سندس ظلمن کي وڌيڪ سگھه بخشي رھي آھي، پاڪستان پيپلز پارٽي پنھنجي قيام کان وٺي اڄ تائين ڪشمير عوام سان گڏ بيٺل رھي آھي بيٺل رھندي. شھيد ڀٽو کان وٺي شھيد بي بي ۽ شھيد بي بي کان وٺي صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تائين، پاڪستان پيپلز پارٽي ڪشمير جو ڪيس جرئت ۽ اصولي موقف سان پيش ڪيو، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ليڊيز ونگ ھن مسلسل جدوجھد ۾ ڪشميري عورتن جي حوصلي ۽ قربانين کي خاص ڀيٽا پيش ڪري ٿي. ھن چيو تھ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل نھ ٿيڻ عالمي ادارن جي ساک تي سواليھ نشان آھي، عالمي برادري دھشتگرد ڀارت تي دٻاءُ وجھي تھ ھو ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي ٺھرائن موجب آزاداڻي راءِ شماري جو حق ڏي.










