تهران- 28 جنوري (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي واضح ڪيو آهي ته ايران، ويجهڙ ۾ آمريڪا سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين جي درخواست ناهي ڪئي ۽ نه ئي آمريڪي خصوصي ايلچي اسٽيو وٽڪوف سان ڪو رابطو ٿيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عباس عراقچي، ان تاثر کي رد ڪندي چيو ته ايران تي دٻاءُ ۽ ڌمڪين جي ماحول ۾ ڳالهيون ممڪن ناهن. ايران جي پرڏيهي وزير …
ايران، آمريڪا سان ڳالهين جي درخواست جي ترديد ڪري ڇڏي

مزید خبریں
تهران- 28 جنوري (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي واضح ڪيو آهي ته ايران، ويجهڙ ۾ آمريڪا سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين جي درخواست ناهي ڪئي ۽ نه ئي آمريڪي خصوصي ايلچي اسٽيو وٽڪوف سان ڪو رابطو ٿيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عباس عراقچي، ان تاثر کي رد ڪندي چيو ته ايران تي دٻاءُ ۽ ڌمڪين جي ماحول ۾ ڳالهيون ممڪن ناهن. ايران جي پرڏيهي وزير جو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، دعويٰ ڪئي هئي ته آمريڪا جو هڪ ٻيو بحري جهاز ايران طرف وڌي رهيو آهي ۽ آمريڪا ايران سان ڪنهن معاهدي جي اميد رکي ٿو. عباس عراقچي چيو ته جيتوڻيڪ ڪجهه ٽياڪڙ ملڪ ايران سان مشاورت ۽ رابطي ۾ آهن، جڏهن ته ايران طرفان ڪنهن سڌيءَ ريت ڳالهين جي درخواست ناهي ڪئي. سندس چوڻ هو ته ايران جو موقف بلڪل واضح آهي ته ڌمڪين جي نتيجي ۾ ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي ۽ ڳالهيون صرف اهڙي صورت ۾ ممڪن آهن جڏهن دٻاءُ ۽ غير معمولي مطالبا ختم ڪيا وڃن. ٻئي طرف آمريڪي اختيارين مطابق ايران ۾ تازو ملڪ گير مظاهرن کانپوءِ آمريڪا، نار خطي ۾ اضافي فوجي اثاثا آندا آهن. انهن مظاهرن جي نتيجي ۾ ايران ۾ 1979ع جي اسلامي انقلاب کانپوءِ سخت ترين ڪريڪ ڊائون ڏسڻ ۾ آيو.











